مقصودو رند: ٻاجهي رند اليون ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي

0
179

مقصودورند(رپورٽر) مقصودو رند ۾ علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي چيئرمين حاجي راحب علي رند پاران جاري جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي پنجين پري ڪوارٽر فائنل مئچ ۾ ٻاجھي رند اليون ۽ خيرو رند اليون جون ٽيمون آمھون سامھون ٿيون. پھريان بئٽنگ ڪندي خيرو رند اليون جي ٽيم جمع خان جي 73 رنسن جي مدد سان 15 اوور ۾ 175 رنسون ٺاھيون. جواب ۾ ٻاجھي رند اليون الطاف حسين رند جي شاندار اننگ 131 رنسن جي مدد سان ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو ۽ ٽورنامينٽ جي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاء ڪري ورتو. ٻاجھي رند اليون پاران الطاف حسين رند کي بھترين راند ڪرڻ تي آيل معزز مھمانن علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي چيئرمين حاجي راحب علي رند ۽ سالم شير رند، غلام حيدر رند مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو