افغانستان تي نظر رکڻ لاءِ روس جو آمريڪا کي فوجي اڏا ڏيڻ جي آڇ

0
246

ڪراچي(م ڊ) روس آمريڪا کي وچ ايشيا ۾ فوجي اڏا ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، روسي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ولاديمر پيوٽن آمريڪي صدر جوبائيڊن کي جون ۾ افغانستان تي نظر رکڻ جي لاءِ تاجڪستان ۽ ڪرغزستان ۾ پنهنجا اڏا ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، روسي اخبار موجب آمريڪا جي طرفان في الحال روسي آڇ جو ڪوئي خاص جواب نه ڏنو ويو، رپورٽ موجب روس طرفان آمريڪا کي اڏا ڏيڻ جي آڇ جنيوا ۾ ملاقات دوران ڏني وئي هئي.