ٻه ڊوز لڳرائڻ باوجود برطانوي صحت وارو وزير ڪورونا جو شڪار

0
317

ڪراچي(م ڊ) ڪورونا ويڪسين جون ٻه ڊوز لڳرائڻ باوجود برطانوي صحت وارو وزير ساجد جاويد پوءِ به ڪورونا جو شڪار ٿي ويو، ساجد جاويد جو چوڻ آهي ته هن ۾ بيماري جون معمولي علامتون ظاهر ٿيون، پر هاڻي ڪورونا جو ٽيسٽ ڪرايو ته مثبت آيو، جنهن بعد پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيوآهي، برطانوي صحت واري وزير جو چوڻ آهي في الحال گهر کان پنهنجو ڪم انجام ڏئي رهيو آهيان، واضح رهي ته ساجد جاويد جمعي واري ڏينهن تي برطانوي وزيراعظم بورس جانسن سان ملاقات به ڪئي هئي.