مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ اڳوڻي ايم پي اي مرحوم سيد پير نور شاھ ھاشمي ۽ سيد مدني شاھ ڄاموٽ جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ 6 ٽيمن حصو ورتو جن ۾ پشاور زلمي، ملتان سلطان، ڪوئيٽا گليڊيئيٽر، اسلام آباد يونائيٽيڊ، ڪراچي ڪنگس، لاھور قلندر ۽ ٻين حصو ورتو. ايونٽ جي افتتاحي ميچ ۾ لاهور قلندر ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۾ مقابلو ٿيو، اسلام آباد 10 اوورن ۾ 114 رنز ٺاھيون، جواب ۾ لاهور قلندر صرف 87 تي آل آئوٽ ٿي وئي.ڪمنٽري جا فرائض عارف ملاح ڏئي رھيو ھو.