لاهور(اسپورٽس نيوز) پنجاب جَي وڏي وزير عثمان بزدار ۽ ڪابينا ميمبرز اسپورٽس پاليسي جي توثيق ڪندي گڏيل طور اُن جِي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پنجاب ڪابينا اسپورٽس پاليسي جي منظوري ڏيندي راندين جي سرگرمين بابت نئين پاليسي تي ڪابينا کي بريفنگ ڪيو ويو.اجلاس ۾ پنجاب ڪابينا جو چوڻ هو ته سردار عثمان بزدار جي قيادت ۾ بهترين بجيٽ پيش ڪئي وئي.