سينٽ لوشيا(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي اسپنر ڪيشو مهاراج ويسٽ انڊيز خلاف هيٽرڪ ڪري پنهنجي ٽيم کي ٻي ميچ ۾ ڪاميابي ڏياري هوم ٽيم کي وائٽ واش ڪري ڇڏيو. سينٽ لوشيا جي ڊيرن سيمي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ مهمان ٽيم جي نانءُ رهي. ڏکڻ آفريڪا جي 324 رنز جي جواب ۾ ويسٽ انڊيز ٽيم 165 رنز تي ڍير ٿي وئي.