ٽنڊو الهيار / مسڻ (رپورٽ: نياز خاصخيلي/ عرفان جروار) مسڻ ويجھو 10 ورھين جي نينگر بيدردي سان گھٽا ڏئي قتل ڪري لاش جنھگ ۾ پوريو ويو. ان ڏس ۾ ڳوٺ دين محمد آريسر لنڪ  روڊ وٽ جھنگ مان معصوم نينگرجو گھٽا ڏنل لاش ھٿ آيو، جنھن جي سڃاڻپ 10 ورھين جي شھباز ولد مبارڪ ميرجت طور ٿي. پوليس واقعي واري ھنڌ تي پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ٽنڊوالھيار منتقل ڪيو، جتي لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. علائقي ۾ سوگ  ڇانئجي ويو. ٻئي پاسي بيدردي سان قتل ٿيل معصوم نينگر جي پيءُ مبارڪ ميرجت ” پنھنجي اخبار ” کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان ڪا به دشمني نه آھي منھنجو پٽ گذريل ڏينھن شام کان گم ھو، جنھن جي اسان پوري رات ڳولا ڪئي پر ڪٿي به نه مليو ٻئي ڏينھن سندس لاش هٿ آيو، علائقي واسين پوريل لاش ڏسي اسان کي اطلاع ڏنو. مسڻ پوليس جو چوڻ آھي تي ابتائي طور تي نينگر جي جسم تي تشدد جا نشان پڻ ھئا ڳلي تي گھٽا ڏيڻ جا پڻ نشان مليا آهن. مسڻ پوليس شڪ جي بنياد تي سولنگي برادري جي 6 ماڻھن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏھن ته پوليس مرتضيٰ عرف ڪوئو سولنگي جي گرفتاري لا مختلف ڳوٺن ۾ ڇاپا پڻ ھنيا پر ھٿ اچي ناھي سگھيو پوليس جو چوڻ آھي ته اسين جلد اصل جوابدارن تائين پھچي وينداسين، جڏھن تي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو. ھوڏانھن بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي گھر اندر ڪھرام مچي ويو. ٻئي پاسي ڊي ايس پي عثمان لغاري جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ٽيم 14 ورهين جي مرتضيٰ ماڇي کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ھو، جنهن ڏوھ جو اعتراف ڪيو آهي. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي سي آئي اي عثمان لغاري چيو ته نينگر قتل جو اعتراف ته ڪيو آهي ته مونکي نينگر جي مائيٽن بنا ڏوهه جي ٻه ٽي ڀيرا مارڪٽ ڪئي، جنهن جو بدلو وٺڻ لاءِ مون اهو قدم کنيو آهي  پر اسانجي ٽيم هن جي ڏنل بيان مان مطمئن نه آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون پر اسانجي ٽيم اڃان وڌيڪ مطمئن ٿيڻ چاهي ٿي.