ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس مان دھشتگردي جا قلم ڪڍي چالان ملير جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  ڪالهه عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ناظم جوکيو قتل ڪيس دهشتگردي ايڪٽ جي ذمري ۾ نٿو اچي، اهو ڪيس ذاتي دشمني جي دائري ۾ اچي ٿو،  اهڙو ڪو سبب سامهون نه آيو آهي، جنهن مان لڳي ته هن ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لاڳو ٿيندا هجن. عدالت پنهنجي حڪم ۾ جاچ آفيسر کي ڪيس مان دهشتگردي جي انت وارا قلم ڪڍي چالان ملير جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪالهه عدالت پاران ڪيس جي دائري اختيار بابت فيصلو ٻڌائڻ جي موقعي تي گرفتار ڪيل پ پ ايم پي اي ڄام اويس گهرام ۽ ٻين جوابدارن کي جيل مان پيش ڪيو  ويو، ان موقعي تي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم بجار ۽ ايم پي اي ڄام اويس گهرام جي وڪيل وزير حسين کوسو موقف اختيار ڪيو ته ناظم جوکيو ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾  ھلي نٿو سگھي، ڪيس جي جاچ دوران به جوابدارن خلاف اهڙو ڪو ثبوت ناهي مليو، جنهن جي بنياد تي ڪيس کي خاص عدالت ۾ هلائي سگهجي ٿو، ان ڏس ۾  پوليس جي رپورٽ رڪارڊ تي موجود آهي، جنهن ڪري ناظم جوکيو قتل ڪيس بابت خاص عدالت ۾ پيش ڪيل چالان کي واپس سيشن عدالت ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.  ياد رهي ته پوليس مقتول جي بيواهه شيرين جوکيو ۽ ٻين وارثن جو جوابدارن سان ٺاهه ٿيڻ بعد ڪيس جو چالان 3جوابدارن خلاف خاص عدالتن جي انتظامي جج جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو هو.  پوليس پاران پيش ڪيل چالان  ۾ مک جوابدار طور گرفتار پ پ ايم پي اي ڄام اويس عرف گهرام ۽ سندس وڏي ڀاءُ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم بجار، سليم سالار،  محمد دودا خان، محمد سومار، عبدالرزاق، جمال، معراج، محمد خان، محمد اسحاق، احمد خان، عطا محمد ۽ محمد زاهد سميت 13 جوابدارن جا نالا ڪڍي رڳو سندن ٽن ملازمن کي قتل ۾ ملوث قرار ڏنو ويو.. پيش ڪيل چالان ۾ هڪ جوابدار نياز سالار کي روپوش ۽ 2 جوابدارن حيدر علي ۽ مير علي کي گرفتار ڄاڻايو ويو. جاچ آفيسر پاران پيش ڪيل چالان سان گڏ مقتول جي پوسٽ مارٽم رپورٽ، پنجاب فرانزڪ ليب جي رپورٽ، ڊي وي آر، مقتول جو سڙيل موبائل فون ۽ ٻيون شيون شامل ڪيون ويون آهن.