مسوڀرڳڙي(ن پ ا) مسوڀرڳڙي ۾  چورن رڻ ٻاري ڏنو آھي. پورھيت صاحب  ڏنو ڪلھوڙو کي چورن  ٽارگيٽ بڻائي ورتو، جتان ٽيون ڀيرو لکين رپين جي چوري ڪري ويا. ان ڏس ۾ اڻڄاتل چور سندس ٽي عدد ٽچ موبائل، پاور بينڪ، چارجر يو پي ايس، 80 ھزار رپيا روڪ ۽ ٻيو قيمتي سامان دڪان کي کاٽ ھڻي کڻي ويا آهن. هن مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو سنجيدگي سان  نوٽس وٺي چوري واپس ڪرائي وڃي.