نوري آباد (ن پ ا)  نوري آباد صنعتي زون ڀرسان قائم پاپولر سيمينٽ فيڪٽري جي تعميراتي ڪم دوران 3کان مٿي پورھيتن مٿان ڪرين جو شيل تار ٽٽڻ سبب ڪري پيو،  حادثي جي نتيجي ۾ 2پورھيت ڪراچي جي پرائيوٽ اسپتال نئيدي رستي ۾ فوت ٿي ويا، جن جي سڃاڻپ اختر رسول جيڪو ميانوالي جو رھواسي ھو ۽ موري جو رھواسي حسن علي طور ٿي آھي  جڏھن ته ھڪ ڄڻو خرم شھزاد زخمي ٿي پيو زخمين ۽ فوتين جا مڙھ فيڪٽري انتظاميا بغير ڪنھن ڪاروائي جي ڳجھه ڳوھ ۾ پوليس ۽ ميڊيا کان لڪائي اسپتال مان کڻائي وارثن حوالي ڪيا ويا. ھوڏانھن واقعي جو اطلاع ملندي نوري آباد پوليس جو ڊي ايس پي واجد ٿھيم واقعي واري ھنڌ پھچي ويو صحافين کي فيڪٽري اندر ڪوريج کان روڪي پري رکيو ويو نوري آباد پوليس جي ڊي ايس پي موجب اسان جانچ ڪري رھيا آھيون اڃا تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو ھوڏانھن  فيڪٽري اندر امڪاني حادثي جي  بچاء لاء علاج  بندوسبت ناهي ٿيل ھوندو.