ميرپوربٺورو (ن پ ا) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ايس ايس ٽي ضلعي سجاول طرفان مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام علي زئور، مرتضيٰ پرھياڙ، امير زئور، صفير زئور، دلدار ڏيٿو، وقاس زئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي تعليم جي بجيٽ ۾ واڌارو نه ڪرڻ، ھر سال تعليمي ادارن اندر فيسن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ، سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سھولتن جي کوٽ ڪوڙا ڊوميسائل ٺاھي  ڏيڻ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ريلي ڪڍي  پريس ڪلب ميرپور بٺورو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  حڪومت تعليمي بجيٽ نه وڌائي تعليم دشمني ڪئي آهي. سنڌ جا سمورا تعليمي ادارن سھولتن جي اڻھوند جو شڪار آھن. شاگرد يونين تي ڪيترن ئي سالن کان بندش پيل آهي، شاگرد مسلسل احتجاج پڻ ڪندا رهن ٿا پر انتظاميا جي ڪن تي جون  به نٿي چري، شاگرد يونين بحال ڪري شاگردن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي ڪوڙا ڊوميسائل ڏئي سنڌي شاگردن جو مستقبل تباھ ڪيو پيو وڃي. مسئلا حل ڪيا وڃن.