فريدآباد (ن پ ا) پاڻي جي کوٽ، مھانگائي ۽ بدامني خلاف عوامي پورھيت تحريڪ پاران ايڊووڪيٽ اعظم خاصخيلي،ايڊووڪيٽ رحيم بخش ٻگھيو،ايڊووڪيٽ پنھل کوسو،گلزار سوڍر،عبدالفتاح ٻگھيو،پيرل جيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  سوين پورھيتن ڇنڊڻ موري کان فريدآباد تائين 8 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته فريدآباد ۽ ڀرپاسي جي واھن شاخن ۾ زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ اندر لاقانونيت،بدامني، مھانگائي،زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ جو نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن.