ڪورنگي( ن پ ا) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، پورهيتن کي 25 هزار ماهوار اجرت نه ڏيڻ  ۽  گارمينٽ ڪمپني مان 3 هزار ورڪرن کي بيدخل ڪرڻ خلاف ڪالهه ڪورنگي جي بلال چورنگي کان ويٽا چورنگي تائين ريلي نڪتي، جنهن کي  منير مگسي، رزاق شر، اميرجان چانڊيو، عابد ڀيو،  طارق جتوئي، خالق چانڊيو، سهيل ڀٽي، حفيظ لاشاري، منصور عباسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سبب پورهيت خودڪشيون ڪري رهيا آھن، ڪورنگي جي انڊسٽريل ايريا جا صنعتڪار حڪومتي اعلانن باوجود پورهيتن کي 25،  25 هزار رپيا  پگهار ڏيڻ لاءِ  تيار ناهن، تازو هڪ گارمينٽ ڪمپني پنهنجي يونٽ۔4 مان 3 هزار ورڪرن کي فارغ ڪيو آهي