مزدور اڳواڻ عثمان غني شهيد

0
130

حبيب الدين جنيدي

 مزدور تحريڪ ۽ ان جي حوالي سان جدوجهد ۽ جيل جون اذيتون برداشت ڪندڙ اڳواڻن جو وڏو انگ اڄ به اسان جي معاشري ۾ موجود آهي پر ان جدوجهد ۾ پنهنجي سِر جو نذرانو پيش ڪندڙ بينڪنگ ڊسٽري جي واحد اڳواڻ شهيد عثمان غني جي اڄ ڇويهين ورسي آهي، عثمان غني 1948ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. هن اين جي وي هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ڪئي جڏهن ته گريجوئيشن ڪراچي يونيورسٽي مان ڪئي ۽ مسلم ڪمرشل بينڪ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. هو شروع کان ئي انقلابي ۽ مظلوم مزدور طبقي جي حمايت ۾ انتهائي پرجوش خيال رکندڙ هو. ساڳيءَ سوچ کيس مزدور تحريڪ ۽ پيپلز پارٽي ڏانهن آندو ۽ هو 1976ع ۾ مسلم ڪمرشل بينڪ لميٽڊ جو سي بي اي يونين جو مرڪزي صدر چونڊجي ويو ۽ اهڙي ريت ڏسندي ئي ڏسندي سندس شمار ملڪ جي ممتاز اڳواڻن ۽ پ پ پ جي اڳواڻن ۾ ٿيڻ لڳو.

                 مزدور تحريڪ ۾ عثمان غني شهيد کي هڪ فائيٽر ۽ قربانيون ڏيندڙ اڳواڻن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي جڏهن ته جمهوريت جي بحالي لاءِ به هن شهيد بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ جدوجهد ڪئي ۽ قيد و بند جون اذيتون خوش دلي سان برداشت ڪيون. ڄاڻ موجب عثمان غني جو شمار انهن مزدور اڳواڻن ۾ ٿيندو آهي جنهن محنت ڪشن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪيترا ئي ڀيرا جيل ڪاٽيو ۽ هو ان تحريڪ جو غالبن واحد اڳواڻ هو جنهن کي قتل به ڪيو ويو. عثمان غني مسلم ڪمرشل بينڪ ۽ ٻين بينڪن جي ملازمن جي حقن لاءِ به مثالي جدوجهد ڪئي ۽ ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو ۽ اِهو ئي سبب آهي جو بينڪ ملازم اڄ به کيس پنهنجو هيرو قرار ڏيندا آهن.

شهيد عثمان غني کي آخري ڀيرو نواز شريف جي دورِ حڪومت ۾ نجڪاري پاليسي ۽ مسلم ڪمرشل بينڪ جي پرائيويٽائزيشن جي خلاف تحريڪ ۾ کيس 1991ع جي شروعات ۾ گرفتار ڪيو ويو، ان گرفتاري ۽ جيل ۽ قيد دوران هي ڪالم لکندڙ کي به ساڻس گڏ رهڻ جو شرف حاصل ٿيو. مزدورن جي چيڀاٽيل طبقي جي لاءِ پنهنجي حياتي قربان ڪندڙ هن عظيم مزدور اڳواڻ کي عوام دشمن ۽ ڏوهارين 18 سيپٽمبر 1995ع جي صبح جو هڪ منحوس وقت ۾ شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن هو پنهنجي اباڻي گهر کان پنهنجي دفتر واقع هيڊ آفيس ايم سي بي جي لاءِ روانو ٿيو هو ته چنيسر ڳوٺ ڪالا پل مٿان سندس ڪار تي فائرنگ ڪري کيس شهيد ڪيو ويو.

عثمان غني کي اسان کان وڇڙئي ڇويهه سال گذري چڪا آهن پر هن جي ياد اڄ به لکين دلين ۾ تازي آهي  جڏهن ته شهيد هاڻ اسان جي وچ ۾ موجود ناهي پر هن جو پٽ  سعيد غني پنهنجي عظيم پيءُ جي نقش قدم تي هلندي اڄ به مظلوم طبقي جي حقن جي تحفظ لاءِ عمل واري ميدان ۾ موجود آهي، هو ماشاالله سان هن وقت محنت واري صوبائي ۽ پ پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر جي حيثيت سان فرض انجام ڏئي رهيو آهي ۽ حڪومتي ريڪارڊ شاهد آهي ته هن پنهنجي وزارت واري دور ۾ محنت ڪش طبقي جي مفادن جي تحفظ لاءِ مثالي قانون سازي ڪرائي جنهن جو سلسلو اڃا به جاري آهي. اسان هن نوجوان سياستدان جي روشن مستقبل لاءِ دعاڳو آهيون.