سنڌ جو وزيراعليٰ بدلي ٿئي پيو ڇا..؟

0
422
موٽروي ڪرپشن ڪيس ۽ ڪمپني سرڪار جون ترجيحات

  سنڌ ڪابينا جي گهٽ ۾ گهٽ ٻن وزيرن جا مون اهڙا ترديدي بيان پڙهيا آهن ته وزيراعليٰ تبديل نه پيو ٿئي. ان ڏينهن صحت واري وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو وڏو وزير بهترين ڪم ڪري رهيو آهي وڏو وزير تبديل نه پيو ٿئي. اهڙي ئي وضاحت ان کان هڪ ڏينهن اڳ صوبائي وزير ناصر شاهه سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي ته وزيراعليٰ تبديل نه پيو ٿئي. هن اها وضاحت مسڪرائيندي ڪئي ڇو ته سندس نالو پڻ نئين وزيراعليٰ جي افواهن وارن نالن سان گڏ گردش ڪري رهيو آهي. ان ۾ ته ٻيا به ڪيترائي نالا افواهن جي صورت ۾ گردش ڪري رهيا آهن جن ۾ امتياز شيخ کان ويندي نادر مگسي تائين جا نالا کنيا پيا وڃن، جنهن کي پنهنجو اسيمبلي ميمبر پيارو آهي سو ايئن دڦ تي بندوق هڻي نالا کڻيو ڇڏي. مونکي هڪ ايم پي اي ٻڌايو ته سائين حد ٿي وئي آهي نادر مگسي کي جيڪي مالڪ سالن کان ڪا وزارت ڪو نه ٿا ڏين سي وري کيس وڏوزارت آڻي جهولي ۾ وجهندا. شهدادڪوٽ مان ڪنهن دوست ٻڌايو ته اهڙا افواهه هٿ وٺي به پيدا ڪيا ويندا آهن ته جيئن راڄ ۾ خبر هلي ته هاڻي ڪا نه ڪا مالڪي ٿيڻ واري آهي. اصل ۾ جيڪي ماڻهو وزير مشير رهي چڪا آهن

انهن جي خواهش ضرور هوندي آهي ته اهي به وزيراعليٰ هائوس ۾ ويهي صوبو پنهنجي مرضي سان هلائين. اها وڏ وزارت واري ڪرسي اهڙي ڪرسي آهي جيڪا ماڻهو مرڻ مارائڻ تائين ناهي ڇڏيندو. جنهن جو مثال پنجاب ۾ توهان تازو ڏٺو هوندو. سنڌ ۾ وڏوزارت جا شوقين ته جام آهن پر هاڻي جڏهن وزيراعليٰ مراد علي شاهه کي هٽائڻ وارا افواهه ترديدن جي حد تائين زور وٺي ويا آهن ته مونکي اتر سنڌ جو اهو شوقين وڏيرو ياد اچي رهيو آهي جيڪو ڪيترائي ڀيرا صوبائي وزير رهي چڪو پر کيس شوق هو ته هو پنهنجي سر پاڻ وڏو وزير ٿئي. اها تڏهوڪن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن رئيس وڏو پشاور وارو مقبول اينٽ سي اينٽ وارو بيان ڏئي ڪيترائي مهينا دبئي روانو ٿي خودساخته جلاوطني ڪاٽي رهيو هو. سندس ڪنهن نمائندي ان وڏيري جو شوق ڏسي کيس صلاح ڏني ته ڇو نه ڀلا دبئي هلي رئيس وڏي سان ڳالهايون. ايئن چئي هن پراڻو پهاڪو ورجايو ته پير پٽ نه ڏيندو ته زال ته نه کسيندو هلي منٿ ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي. ان وڏيري پنهنجي حساب سان پئسي ڏوڪڙ جو جام بندوبست ڪري وڃي دبئي ۾ هوٽل بڪ ڪرايو ۽ ان سنگتيءَ کي به ساڻ وٺيون ويو. هفتو کن دبئي ۾ رهڻ دوران سندن رئيس سان ملاقات ٿي ته هنن پنهنجي دل جو حال کڻي رئيس اڳيان رکيو. جنهن تي رئيس کيس اشارو يعني گرين سگنل ڏئي ڪراچي موڪليو ته وڃي ڪنهن مني لانڊرنگ واري سان مل ۽ بندوبست ڪري ڇڏ، چون ٿا ته ان اترادي وڏيري کلندي کلندي رئيس کي چيو هو ته سائين سدائين پيا رڳو شاهه وزيراعليٰ ٿين اسان امتين ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي.

اهو ان جو پنهنجي نجي محفلن ۾ به تڪيه ڪلام هوندو هو ۽ ايتري حد تائين هوندو هو جو هڪ ڀيري هن پنهنجي غير شاهه پارٽي دوستن اڳيان راءِ رکي هئي ته پنهنجي پارٽي ۾ شاهن لابي ٺاهي آهي ته اسان امتين کي به اتحاد ڪري آل سنڌ امتي ايسوسيئشن ٺاهڻ گهرجي. سندس ان منصوبي جو ڪيترائي ماڻهو مذاق اڏايندا هئا.پر هو پر اميد رهندو هو. دبئي مان موٽڻ کان پوءِ مني لانڊرنگ جا قصا تمام ڪرڻ بعد ايندي ويندي کي چوڻ لڳو ابا هاڻي امتي وزيراعليٰ ٿيندو شاهه ڪيترائي ڀيرا وزيراعليٰ ٿيا آهن هاڻي امتي ٿيندو. سندس اها گفتگو ڪافي ڀيري ماڻهن ٻڌي ۽ نوٽ ڪرڻ وارن نوٽ ڪري مٿي به ٻڌائي .جنهن بعد سندس بريف ڪيس ته ويو پر رئيس فون کڻڻ ئي ڇڏي ڏنس. ايندڙ سيٽ اپ ۾ سندس وزارت به وئي ته مشيري به نه مليس. نيٺ هن پئسا واپس گهرڻ شروع ڪيا ته کيس پارٽي مان الزام هڻي خارج ڪرڻ واري منصوبي جي خبر پئي جنهن بعد هن ٻيهر دبئي جو پنڌ ڪري معافي تلافي ڪئي تڏهن وڃي جان ڇٽس. سو جيڪي ماڻهو هينئر وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه جي تبديل ٿيڻ جا افواهه پيا ڦهلائين پهريان پنهنجي اميدوارن جو خير گهرن بعد ۾ اهڙا افواهه ڦهلائين.ڇو ته رئيس گهوڙن جي ڊوڙ ۾ ڀلي تڪڙا تازا توانا گهوڙا ڊوڙائيندو هجي پر سياست ۾ هن هميشه مک ڪرسي اهڙي ماڻهو حوالي ڪئي آهي جنهن کي يس مين هجڻ جي عادت هجي ۽ ميڊيا اڳيان به تڪڙو موقف پيش ڪري سگهي.

ٻوڏ متاثرين يا برسات متاثرين جي پاران ڪا اهڙي سگهاري تحريڪ يا احتجاج به سامهون نه آيو آهي نه ئي اپوزيشن اسيمبلي ۾ کيس هارائي سگهي ٿي ته پوءِ اهڙو وزيراعليٰ هو ڇو هٽائيندا. توهان ٿورو غور ڪيو ته جنهن وزيراعليٰ کي پنهنجي گهر يعني ڄامشوري ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي بدلي ڪرڻ جيترو اختيار نه هجي انکي مالڪ هٽائيندا ته آخر ڇو هٽائيندا.ڄامشوري جي ڊپٽي ڪمشنر صوبي جي چيف ايگزيڪيٽو جي دوري ۾ سنگين لاپرواهي ڪندي اهڙي ٻيڙي سندس حوالي ڪئي جنهن جو اڌ رستي ۾ تيل کٽي پيو.جيڪا ٻي ٻيڙي وزيراعليٰ کي ڏني وئي اها به خراب ٿي پئي ته کيس ٽين ٻيڙي ۾ ويهاريو ويو. ڊي سي جي اهڙين حرڪتن مان واضح ٿيو ته هو وزيراعليٰ جي دوري کي معمولي سمجهي رهيو هو ۽ پنهنجي ڪنهن ماتحت عملدار مٿان اهو ڪم رکي ڇڏيو هئائين. توهان اندازو لڳايو ته اهڙي خواري اگر ٻئي ڪنهن وزيراعليٰ جي دوري دوران ٿئي ها ته ڇا ٿئي ڊي سي ۽ ڪمشنر ته پهرئين ڌڪ ۾ ئي وڃن ها پر ان سان گڏ سندن هيٺيون عملو به بدلي ٿئي ها پر وزيراعليٰ اهڙي خواري هوندي به هن مالڪن کي ايترو عرض ڪيو ته سائين خواري گهڻي ٿي آهي هن ڊي سي کي طبي موڪل تي ئي روانو ڪريو ڀلا . سندس اها عاجزي مالڪن کي عزيز آهي تنهن ڪري لڳي نٿو ته کيس ڪو تڪڙو تبديل ڪيو وڃي. جڏهن کان سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ ٿيو آهي ته سندس ئي پارٽي جي مخالف لابي سندس خلاف اڳ ۾ به هڪ ٻه ڀيرو اهڙا افواهه ڦهلائي چڪي آهي ته هاڻي سيد مراد علي شاهه کي تبديل ڪندا پر ايئن ٿي ناهي سگهيو. رهي ڳالهه ٻوڏ برساتن ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي ته ان ۾ هن مهل تائين مک ڪردار ادا ڪندڙ  کاتي يعني آبپاشي وارن مان ته ڪنهن سيڪريٽري کي ته ڇڏيو ڪنهن حد جي انجنيئر کي ئي سزا ناهي ڏني وئي ته هي ته وري به مالڪن جو فرمانبردار وزيراعليٰ آهي جنهن پنهنجو ڳوٺ ٻوڙائي ڏيکاريو اڃان کيس ڪهڙي سچائي ثابت ڪرڻي پوندي.ٻي ڳالهه ته وزيراعليٰ جي تبديلي صرف سياسي ڪردارن جي راند ناهي ان ۾ ٻيا به ڪيترائي اسٽيڪ هولڊر آهن تنهنڪري انهن جي رضامندي يا اشاري کانسواءِ به اها تبديلي ممڪن ناهي. سنڌ جي ماڻهن کي ان ئي شاهه وزيراعليٰ تي گذارو ڪرڻو پوندو امتي اجايو شرطون رکي پنهنجا پئسا وڃائڻ چاهين ٿا ته ڀلي وڃائين سندن مرضي….