مري ۾ فوت ٿيلن جي لاشن جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪرڻ بند ڪيو وڃي: حسن علي

0
764
مري ۾ فوت ٿيلن جي لاشن

ڪراچي(م ڊ)  قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي مري سانحي ۾ فوت ٿيلن جي حوالي سان سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کي اپيل ڪئي آهي

سياحتي مقام مري ۾ گذريل ڏينهن پيش آيل المناڪ سانحي ۾ حياتيون وڃائيندڙ سياحن جون تصويرون ۽ وڊيوز منظر عام تي اچي رهيون آهن جن کي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي صارفين وڏي انگ ۾ شيئر ڪري رهيا آهن

حسن علي ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪندي لکيو ته مري سانحي ۾ فوت ٿيلن جي لاشن جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪرڻ بند ڪيو وڃي

قومي ڪرڪيٽر جو چوڻ آهي ته مري ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي روڪي سگهجي ٿو، قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ وارن خاندانن سان دلي ڏک آهي، الله تعاليٰ مرحومن جي مغفرت فرمائي

ياد رهي ته 7 جنوري جي رات مري ۾ آيل برفاني طوفان سبب 23 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، حڪومت مري کي آفت سٽيل قرار ڏيندي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي، جڏهن ته امدادي ڪارروايون جاري آهن