اسلام آباد /مري (م ڊ) تفريحي ماڳ ڪوهه مري ۾ شديد برفباري سبب هزارين سياح روڊن تي ڦاسي پيا، جڏهن ته سخت سيءَ ۽ ساهه منجهڻ سبب هڪ خاندان جي 8 ۽ ٻئي خاندان جي 5 ڀاتين سميت 22 ڄڻا گاڏين ۾ ويٺي ئي فوت ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته وڏي تعداد ۾ سياح پهچڻ ۽ شديد برفباري سبب رستا بند ٿي ويا،  ماڻهن سڄي رات گاڏين ۾ گذاري، امدادي ڪاررواين جو انتظار ڪندي 22 ڄڻا گاڏين ۾ ئي فوت ٿيا.انتظاميا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد پوليس جو 49 ورهين جو اي ايس آءِ نويد اقبال، سندس زال مسز نويد اقبال سندن 6 ٻار  به فوت ٿي ويا، سانحي ۾ هڪ ٻئي خاندان جا 5 ڀاتي به فوت ٿي ويا، جن ۾ 46 ورهين جو محمد شهزاد پٽ اسماعيل، ان جي گهرواري ۽ 3 ٻار شامل آهن. ٻين فوت ٿيلن ۾ ڪمال آباد سان واسطو رکندڙ 27 ورهين جو زاهد پٽ ظهور، گوجرانوالا جو رهندڙ 31 ورهين جو اشفاق پٽ يونس عمر، لاهور واسي 31 ورهين جو معروف پٽ اشرف به شامل آهن. مردان واسي سهيل خان، اسد، محمد بلال، ڪراچي جو محمد بلال حسين به حادثي ۾ فوت ٿي ويا. هوڏانهن گهر وزير شيخ رشيد ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز کي طلب ڪري ورتو ۽ مري ۾ فضائي آپريشن جي تياري شروع ڪئي وئي. ضلعي انتظاميا جي ترجمان موجب گلڊنه، باڙيان، نٿيا  ۾ وڏي برفباري سبب حالتون خراب ٿيون. مري ۾ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل 23 هزار کان وڌيڪ گاڏين کي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته اڃا به سوين گاڏيون ڦاٿل آهن. ٻئي پاسي پنجاب حڪومت مري کي آفت سٽيل قرار ڏيندي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، وڏي وزير عثمان بوزدار سرڪاري ريسٽ هائوس ۽ آفيسون سياحن لاءِ کولڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي پاسي امدادي ڪاررواين دوران رڊن تان برف هٽائڻ لاءِ اتي لوڻ هاريو ويو ته جيئن روڊن کي کولي سگهجي. مري ۾ ٿيندڙ هي برفباري 10 سالن جي تاريخ جي شديد ترين برفباري قرار ڏنو پيو وڃي. هوڏانهن موسميات کاتي موجب 24 ڪلاڪن دوران مري ۾ 32 انچ برف پئجي چڪي آهي. موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن مري ۽ ڀرپاسي 17 انچ برف پئي، جڏهن ته 3 جنوري کان هيل تائين 32 انچ برف پئجي چڪي آهي. ٻئي پاسي مري ۾ پيش آيل سانحي کانپوءِ خيبرپختونخواهه جي علائقن ڪاغان، ناران ۽ شوگران ۾ هر قسم جي ٽريفڪ بند ڪري سياحن جي اچڻ وڃن تي پابندي لڳائي وئي آهي. ڊپٽي ڪمشڻر مانسهر قاسم علي خان موجب ڪيوائي جي مقام تي سياحن کي روڪي سندن اڳتي وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. اها پابندي ايندڙ نوٽيفڪيشن تائين جاري رهندي.