مري سانحو: وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت، انگ 23 ٿي ويو، امدادي ڪارروايون جاري

0
243

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) مري ۾ برفباري ڏسڻ لاءِ آيل هڪ وڌيڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي، برفباري ۽ بدترين ٽريفڪ جام سبب فوتين جو انگ وڌي 23 ٿي ويو آهي

ريسڪيو ذريعن موجب مري جي علائقي جھيڪا گلي ۾ 4 ورهين جي ٻارڙي سخت ٿڌ سبب فوت ٿي وئي، ٻارڙي سخت سردي ۽ نمونيا ۾ مبتلا هئي

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته نينگري پنهنجي والدين سان لاهور کان مري آئي هئي پر برفباري ۾ گهر ڀاتين سميت ڦاسي پئي هئي، جيڪا فوت ٿي وئي

مري جي ھاڻ صورتحال ڪيئن آھي؟

مري ۾ برفباري  رُڪجڻ بعد امدادي ڪمن ۾ تيزي آندي وئي آھي، سياحتي مقام جي سمورن اهم شاهراهن تي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڪ فوج جا انجنيئر ۽ جوان ڪالدانه ۽ باريان ۾ روڊ کولڻ ۾ مصروف آهن

مقامي انتظاميا موجب جھيڪا گلي کان ايڪسپريس وي ۽ جھيڪا گلي کان ڪالدانا تائين ٽريفڪ ڪليئر ڪئي وئي آھي، لوئر ٽوپا جو رستو به صاف آهي جڏهن ته گليات جي مختلف روڊن تان برف هٽائڻ لاءِ ڳري مشينري جو استعمال ڪيو پيو وڃي

وزيراعظم مري سانحي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

وزيراعظم عمران خان مري سانحي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان مري سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مري ۾ سياحن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ٿيو آهي، واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

وزيراعظم چيو ته غيرمعمولي برفباري ۽ موسم جي صورتحال معلوم ڪرڻ کانسواءِ عوام مري جو رخ ڪيو، ضلعي انتظاميا ان صورتحال لاءِ تيار نه هئي، اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا

ھي به پڙھندا

مري ۾ شديد برفباري سبب ھڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين سوڌو 21 سياح اجل جو شڪار، امدادي سرگرميون جاري