مري ۾ شديد برفباري سبب ھڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين سوڌو 21 سياح اجل جو شڪار، امدادي سرگرميون جاري

0
376
مري ۾ شديد برفباري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي گادي واري هنڌ مري ۾ سخت برفباري سبب گاڏين ۾ ڦاٿل 21 سياح فوت ٿي ويا، جڏهن ته علائقي ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن

مري ۾ شديد برفباري سبب صورتحال انتھائي خراب ٿي وئي آھي، شھر کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آھي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد وڊيو بيان ۾ 16  کان 19 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ھئي

گهرو وزير شيخ رشيد احمد سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 12 ڪلاڪن جي سخت محنت باوجود هزارين سياح مري ۾ ڦاٿل آهن، سياحن کي ڪڍڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز کان مدد طلب ڪئي وئي آهي ۽ رات کان هڪ هزار گاڏيون ڦاٿل آهن

پاڪ فوج جا جوان امدادي ڪاررواين ۾ مصروف: آءِ ايس پي آر

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جا جوان مري ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن، جهيڪا گلي ۽ گهاريال روڊ کي ٻيهر کوليو ويو آهي، جڏهن ته ايف ڊبليو او جا اهلڪار بند ٿيل ٻين رستن کي کولڻ ۾ مصروف آهن

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج مري ۾ ڦاٿل سياحن کي کاڌ خوراڪ ۽ دوائون پڻ فراهم ڪري رهي آهي ۽ کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهي آهي

ياد رهي ته مري ۾ برفباري شروع ٿيندي ئي هزارين سياح سياحتي مقام تي پهچي ويا هئا پر تيز برفباري سبب روڊن تي بدترين ٽريفڪ جام ٿي ويو، عورتن ۽ ٻارن سميت سياحن جو وڏو انگ سڄي رات رت ڄمائيندڙ سيءُ ۾ کليل آسمانن هيٺ گاڏين ۾ گذاري

ذريعن جو چوڻ آهي ته ريسڪيو 1122 سخت سرد موسم ۾ ساهه جي بيمارين ۾ ورتل ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر روڊ بند هجڻ سبب امدادي ٽيمن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي

جڏھن تھ شھر کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آھي ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آھي، مري ۾ قائم ڪنٽرول روم موجب شھر ۾ ھڪ لک کان وڌيڪ داخل ٿيون ماڻھو گاڏيون رستن تي بيھاري ھليا ويا

موسميات کاتي جي هڪ آفيسر ٻڌايو ته مري ۾ هن وقت برفباري ناهي ٿي پر ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ وڌيڪ برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جيڪا سڀاڻي تائين جاري رهندي

 ٻئي طرف ريسڪيو 1122 پاران جاري ڪيل فوتين جي لسٽ موجب هينئر تائين فوتين جو انگ 21 ٿي ويو آهي، جن ۾ هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا شامل آهن.

مري ۾ سڀاڻي تائين شديد برفباري جاري رهڻ جي اڳڪٿي

مري ۾ سڀاڻي تائين شديد برفباري جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي، ان سلسلي ۾ موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪوهه مري ۽ گليات سوڌو ڀرپاسي جهڙالي مُند آهي، سڀاڻي تائين برفباري ۽ هلڪي برسات جو سلسلو جاري رهندو

مري ۾ طوفاني برفباري بعد پارو ٻڙي تي پهچي ويو، رستن تي ڄمي ويل برف ڳارڻ لاءِ لوڻ هارڻ جو ڪم جاري، انتظاميا جو چوڻ آهي ته مري ۾ برف پِگهرڻ بعد رستا ٽرئفڪ لاءِ کولي سگهجن ٿا

انتظاميا طرفان مري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ شهرين کي گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت، پنجاب سرڪار طرفان مري ۾ سمورا سرڪاري ريسٽ هائوسز ۽ آفيسز سياحن لاءِ کولڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آھي

وزيراعظم مري سانحي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان مري سانحي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان مري سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مري ۾ سياحن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ٿيو آهي، واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

وزيراعظم چيو ته غيرمعمولي برفباري ۽ موسم جي صورتحال معلوم ڪرڻ کانسواءِ عوام مري جو رخ ڪيو، ضلعي انتظاميا ان صورتحال لاءِ تيار نه هئي، اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا

ھي به پڙھندا

 

مري ۾ ڦاٿل هزارين سياحن کي ڪڍڻ لاءِ فوج کان مدد وٺڻ جو فيصلو