ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا، ميزبان ۽ ماڊل عفت عمر چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائزر مريم نواز قدرتي خوبصورت آهي. ويجهڙ ۾ ئي پنهنجي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ عفت عمر چيو ته مان مسلم ليگ (ن) جي نه بلڪ پي ڊي ايم جي حمايت ڪندي آهيان. هن چيو ته مان نه صرف ن ليگ بلڪ پي ڊي ايم ۾ شامل پاڪستان پيپلز پارٽي جي به حمايت ڪندي آهيان ۽ منهنجي خواهش آهي ته ڄاڻايل ٻئي جماعتون گڏجي حڪمراني ڪن. عفت عمر چيو ته مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائزر مريم نواز خوبصورتي وڌائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، هوءَ قدرتي طور تي ئي ايتري خوبصورت آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) حالتن کي قابو ڪرڻ ۾ ماهر ۽ عوام تائين حڪومت جا ميوا پهچائڻ ۾ تيز آهي جڏهن ته پاليسي بڻائڻ ۾ پيپلز پارٽي جو ڪوبه ثاني نه آهي ۽ جيڪڏهن ٻنهي پارٽين کي حڪومت ڪرڻ ڏني وڃي ته گهڻو ڪجهه تبديل ٿي سگهي ٿو.