ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان شوبز جي مشهور اداڪارا ماورا حسين پشاور زلمي جي ڪپتان بابراعظم جي حمايت ۾ اڳيان اچي وئي آهي. ماورا ميڊيا تي تنقيد ڪندي هن کي بابراعظم سان نامناسب رويو اختيار ڪرڻ ۽ هن کي ٽرول ڪرڻ تي بابر جي عهدي جو احترام ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. ماورا ڪرڪيٽ پاڪستان جي هڪ ٽوئٽ تي تبصرو ڪندي لکيو ته “اڪثر ميڊيا جيان هڪ صحافي وري بابراعظم خلاف نامناسب رويو اختيار ڪري رهيو آهي ٽيم کي اڪيلو ڇڏي ڏيو اها اوهان جي خيال کان وڌيڪ متحد آهي ۽ ان ڪرڪيٽر (بابراعظم) جو احترام ڪرڻ سکو جنهن اڳيان دنيا جهڪي رهي آهي! ماشاء الله” ماورا جو اهڙو تبصرو ويجهڙ واري پريس ڪانفرنس جي جواب ۾ هو جنهن ۾ بابراعظ کي ٽيم جي “اڳوڻي” ڪپتان طور تي حوالو ڏنو ويو هو، ان حقيقت باوجود ته اهو اڃا به ٽيم جو ڪپتان آهي، پر افغانستان خلاف ٽن ميچن جي سيريز لاءِ هن کي آرام ڏنو ويو آهي.