لنڊن(م ڊ) مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مريم نواز27 جنوري تي واپس ايندي ڪي پي ۽ پنجاب جي چونڊن دوران ميان نواز شريف به ملڪ واپس ايندو، مريم جي واپسي بعد سندس واپسي جو فيصلو هو پاڻ ڪندو. سندس واپسي جي راهه جون رنڊڪون دور ڪيون پيون وڃن. سندس واپسي باعزت هوندي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف گجرانوالا ۾ جيڪو ڪجهه چيو هو هاڻ اهو جنرل باجوه ۽ جنرل فيض به مڃي رهيا آهن ته ڌانڌلي سان عمران خان کي آڻڻ غلطي هئي، جنهن سان ملڪ جي معيشت تباهه ٿي. هن چيو ته ن ليگ اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺندي، نواز شريف چونڊن بابت ابتدائي انتظامن ۽ معاملن تي مشاورت ڪئي آهي هن پاڪستان ۾ به ماڻهن سان وڊيو لنڪ تي صلاح ڪئي آهي، پارلياماني بورڊ بابت نواز شريف نالا تقريباَ فائنل ڪري ڇڏيا آهن پارلياماني بورڊ ئي فيصلو ڪندو ته ڪٿان ڪنهن کي چونڊن ۾ بيهڻو آهي، بورڊ جي صدارت ميان نوازشريف پاڻ ڪندو. اميدوار کي ٽڪيٽ پارلياماني بورڊ ڏيندو، ماضي ۾ به هر اميدوار جو انٽرويو نواز شريف ڪندو هو، اسان جي تجويز آهي ته چونڊ مهم لاءِ ڇهه ست سينئر ماڻهو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏين. هن چيو ته مريم نواز 26 جنوري تي لنڊن مان رواني ٿيندي ۽ 27 تي پاڪستان پهچندي، جنهن بعد هوءَ پهرين فيبروري کان پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊ سرگرميون شروع ڪندي. نواز شريف جي وطن واپسي ۾ قانوني مونجهارا آهن جن کي دور ڪيو پيو وڃي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبلي جي چونڊن کي ڏسي رهيو آهي نواز شريف گڏجاڻيون ڪري رهيو آهي، هن لاڳيتو ٻه ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سان به صلاح ڪئي آهي ۽ بين اڳواڻن سان به فون تي رابطا ڪيا آهن. سندس واپسي جي تاريخ جو اعلان هو پاڻ ڪندو. هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلين جي چونڊن جي چونڊ مهم نواز شريف هلائيندو، کيس مون به آگاهه ڪيو آهي ته سندس موجودگي ۽ غيرموجودگي سان ڪهڙو فرق پوندو، هو به راضي آهي ته چونڊن ۾ مڪمل ڪاميابي لاءِ سندس واپسي ضروري آهي، مريم نواز جي واپسي بعد هو به واپس ايندو. هن چيو ته نوازليگ صوبائي چونڊن ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان جون ڀرپور تيياريون ڪيون آهن، جيڪڏهن عدالت ڪجهه حڪم ڏنو ته پوءِ چونڊن ۾ مسئلو ٿيندو، ڊجيٽل آدمشماري جو معاملو به اهم آهي. اهي فيصلا اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻا آهن پر ن ليگ ڀرپور چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي. هن چيو ته هنن چونڊن ۾ اسان جو بيانيو آهي ته 2017ع ۾ حڪومت تبديل ٿي ۽ نواز شريف کي ڪڍيو ويو ته ان ۾ جنرل باجوه، فيض حميد، ثاقب نثار، عمران خان ۽ آصف سعيد کوسا ملوث هئا ، هلندڙ ملڪ کي تباهه ڪيو ويو، نواز شريف کي ناحق قيد ڪيو ويو. جنهن سان ملڪ جي معيشت ويهي وئي ۽ ملڪ کي پوئتي ڌڪيو ويو جڏهن ته عمران خان جو بيانيو آهي ته جيئن مون کي اقتدار ۾ آندو ويو هو تيئن منهنجي مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته  عمران خان جيستائين موجود آهي تيستائين مسئلا پيدا ڪندو رهندو، قوم ووٽ جي طاقت سان عمران فتني کي رجيڪٽ نه ڪيو ته ملڪ حادثي جو شڪار ٿي ويندو. هو اسيمبليون نه ٽوڙي ها ته ناڪام هو، جلسن جلوسن ۽ ڌرڻن ۾ ناڪام ويو ته نظام تي حملو ڪيائين، ۽ هاڻ وري قومي اسيمبلي ۾ اڄڻ چاهي ٿو ته اسان هن تي ڪيئن اعتبار ڪريون.