اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 35 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 35 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏيون، جنهن تحت اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي 35 ئي ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو نوٽيفيڪشن جاري ڪري ڇڏيو، عمران خان پاريان پارليامينٽ ۾ واپسي واري بيان کانپوءِ اسپيڪر پاران پي ٽي آءِ ميمبرز جون استعيفائون منظور ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. اسپيڪر طرفان جن 35 پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون آهن. قومي اسيمبلي جي جن پي ٽي آءِ جي ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيو ويون آهن انهن ۾ اين 2 سوات هڪ تان چونڊيل حيدر علي خان، اين اي 3 سوات 2 تان چونڊيل سليم الرحمان، اين اي 5 اپر دير تان چونڊيل صاحبزاده صبغت الله، اين اي 6 لوئر دير هڪ تان چونڊيل محبوب شاهه، اين اي 7 لوئر دير 2 تان چونڊيل محمد بشير خان، اين اي 8 مالاڪنڊ تان چونڊيل جنيد اڪبر، اين اي 9 بنير تان چونڊيل شير اڪبر خان، اين اي 16 ايبٽ آباد 2 تان چونڊيل علي خان جدون، اين اي 19 صوابي 2 تان چونڊيل عثمان خان، اين اي 20 مردان هڪ تان مجاهد علي، اين اي 28 پشاور 2 تان چونڊيل ارباب عامر ايوب،  اين اي 34 ڪرڪ تان چونڊيل شير علي ارباب، اين اي 40 باجوڙ هڪ تان چونڊيل گل داد خان، اين اي 42 مهمند تان چونڊيل ساجد خان، اين اي 44 خيبر 2 تان چونڊيل محمد اقبال خان، اين اي 61 راولپنڊي 5 تان چونڊيل عامر محمود ڪياني، اين اي 70 گجرات 3 تان چونڊيل سيد فيض الحسن، اين اي 87 حافظ آباد هڪ تان چونڊيل چوڌري شوڪت علي ڀٽي، اين اي 93 خوشاب هڪ تان چونڊيل عمر اسلم خان، اين اي 96 ميانوالي 2 تان چونڊيل امجد علي خان، اين اي 107 فيصل آباد 7 تان چونڊيل خرم شهزاد، اين اي 109 فيصل آباد 9 تان چونڊيل فيض الله، اين اي 135 لاهور 13 تان چونڊيل ملڪ ڪرامت علي، اين اي 150 خانيوال هڪ تان چونڊيل سيد فخر امام، اين اي 152 خانيوال 3 تان چونڊيل ظهور حسين قريشي، اين اي 158 ملتان 5 تان چونڊيل محمد ابراهيم خان، اين اي 164 وهاڙي 3 تان چونڊيل طاهر اقبال، اين اي 165 وهاڙي 4 تان چونڊيل اورنگزيب خان کچي، اين اي 177 رحيم يار خان هڪ تان چونڊيل مخدوم خسرو بختيار، اين اي 187 ليه هڪ تان چونڊيل عبدالمجيد خان، پنجاب مان عورتن جي مخصوص سيٽ تي چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر عندليب عباس، اسما حديد، مليڪا علي بخاري، بلوچستان مان عورتن جي مخصوص سيٽ تي چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر منوره بيبي بلوچ شامل آهن، جڏهن ته هڪ ٻئي پٺيان منظور ٿيندڙ گڏيل استعيفائن جو انگ 80 کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو ڪالهوڪو رٿيل اجلاس پي ٽي آءِ جي استعيفائن سبب ملتوي ڪيو ويو آهي. ايوان ۾ پي ٽي آءِ جي استعيفائون ڏيندڙ ميمبرن کان علاوه صرف 30 کان وڌيڪ ميمبر باقي بچيا آهن. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 35 ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ سندن سيٽون خالي ٿي ويون آهن، ياد رهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر 17 جنوري تي پي ٽي آءِ جي 34 ميمبرن ۽ شيخ رشيد جي استعيفا منظور ڪئي هئي، واضح رهي ته خيبرپختونخواهه هائوس ۾ تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس جاري هو جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات جي سلسلي ۾ حڪمت عملي ٺاهي پئي وئي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي وفد ايوان جي 3 اهم عهدن جا نالا تجويز ڪيا هئا جن ۾ اپوزيشن اڳواڻ، پارلياماني اڳواڻ ۽ چيئرمين پي اي سي جا عهدا شامل آهن اهڙي صورتحال ۾ اسپيڪر تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 35 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون.

اسلام آباد:پ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو قدم غيرقانوني ۽ مذمت جوڳو آهي، حڪومت کي گهر اماڻڻ ملڪ جي مفاد ۾ آهي. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسان کي گهرايو هو، اسپيڪر چيو هو ته مان ائين استعيفا منظور نٿو ڪري سگهان، جن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون، انهن ميمبرن کي به اسپيڪر طرفان گهرايو ويو هو؟ اهو هڪ غيرقانوني قدم آهي، جمهوريت جي نالي تي مذاق ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اسان جا جيڪي ايم اين ايز آهن اهي اسيمبلي وڃن، اسان جڏهن اندر وياسين ته اتي نه اسپيڪر هو، نه ڊپٽي اسپيڪر، جڏهن ته سيڪريٽري ۽ ڊپٽي سيڪريٽري سميت سمورو عملو غائب آهي. اسد عمر چيو ته ملڪ هر گذرندڙ ڏينهن سان تباهي جي دلدل ۾ ڦاسندو پيو وڃي. پاڪستان کي جلد کان جلد نئين چونڊن طرف آندو وڃي. ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته اسان هڪ مجبور ۽ لاچار پارليامينٽ جي سامهون بيٺل آهيون. اسپيڪر چوي ٿو ته 17 کان 18 ماڻهو اسان سان رابطي ۾ آهن. اسپيڪر کان پڇان ٿو ته اهي 17 کان 18 ماڻهو ڪٿي آهن؟ هن چيو ته پاڪستان اڄ وڏي سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آهي. امڪان آهي ته اسان سريلنڪا جهڙي صورتحال طرف وڌي رهيا آهيون. مريم نواز جي چوڻ تي 2 ميمبرن استيفيٰ نه ڏنا هئا. جيڪا حڪومت هن وقت آهي اها صرف 36 سيڪڙو ماڻهن جي نمائندگي ڪري رهي آهي. بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪيا پيا وڃن جنهن جي ڪري عوام بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. اسان جي 81 ايم اين ايز جا استعيفيٰ منظور ٿي چڪا آهن. اسان کي هاڻ عام چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي. ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ اسپيڪر پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته هو ايوان جو نگران نه آهي. اسپيڪر منهنجي خط جي جواب ۾ چيو هو ته گڏيل استعيفيٰ منظور نٿو ڪري سگهان، جڏهن اسان اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو ته هن اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، اسان اسيمبلي ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو ته هن وڌيڪ 35 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون جيڪي اسان جا باقي ميمبر رهجي ويا هئا اسان انهن کي به اسيمبلي ۾ وٺي آيا آهيون. اوهان اسان جي 91 ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو، اسان ٻين کي به آندو آهي هاڻ انهن جون به استعيفائون منظور ڪريو. پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين چيو ته هنن جي قول ۽ فعال ۾ تضاد آهي، هي عوام جو فيصلو نٿا چاهين پر منهنجي مرضي جا فيصلا مڙهڻ چاهين ٿا. جيستائين هنن جي مٿان ڪيسز آهن هي اسيمبلي کي ڊيگهه ڏيندا. اسان ته پنجاب ۾ هر آزمائش تي پورا لٿاسين، اوهان ته پنهنجي ميمبرن کي آزمائش ۾ وجهڻ کان ڪترائي رهيا آهيون. شاهه محمود قريشي چيو ته هي معيشت کي مستحڪم نٿا ڪري سگهن، دهشتگردي ٻيهر وڌي رهي آهي اسان نيون چونڊون چاهيون ٿا، اسان چاهيون ٿا ته هاڻ عوام فيصلو ڪري.