اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي چيف جسٽس (ر) ثاقب نثار چيو آهي ته عمران خان مون سان ملاقات ۾ نيب ڪيسن بابت گائيڊ لائن گهري هئي، جنهن تي مان انڪار ڪري ڇڏيو هو. نجي ٽي وي جي صحافي سان ڳالهائيندي ثاقب نثار چيو ته منهنجو موجوده ججن سان ڪنهن به قسم جو رابطو ناهي، عمران خان سان ٻه ملاقاتون ٿيون، پهرين ان جي وزارت عظميٰ جي دور ۾ ۽ ٻي پوءِ ٿي، پهرين ملاقات ۾ عمران خان چيو ته نيب ڪيس خراب ٿي رهيا آهن، توهان گائيڊ ڪيو، عمران خان چيو ته شهزاد اڪبر جي جاءِ تي ڪو ٻيو ماڻهو ٻڌايو جيڪو ڪيسن کي انجام تي پهچائي، مون انڪار ڪندي چيو ته پاڻ فيصلو ڪيو، جڏهن ته ٻي ملاقات ۾ عمران خان کي چيو ته عدليا بابت رات 12 وڳي واري ڳالهه نه ڪريو، عمران خان کي اهو به چيو ته عدليا تي بنا سبب تنقيد ڪري اداري کي خراب نه ڪريو. هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان به ٻه ملاقاتون ٿيون، پهرين ملاقات ۾ هو چندو ڏيڻ آيو هو، جڏهن ته ٻي ملاقات ڪجهه عرصو اڳ لاهور ۾ ٿي، باجوه صاحب چيو ته هو لاهور آيو آهي ۽ پنهنجي دوستن سان ملڻ چاهي ٿو. سندس موجب مون عمران خان سان جنرل باجوه بابت ڳالهه نه ڪئي، فيض حميد سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، جڏهن چيف جسٽس هيس ته گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيسن تي فيض حميد سان ملاقاتون ٿيون ۽ پوءِ به فيض حميد سان ملاقاتون ٿيون. اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته مريم نواز هاڻ مون کي بابا ڊيم سڏي منهنجي تذليل ڪري رهي آهي، منهنجا ٻار کلندا آهن ۽ چوندا آهن ته نواز ليگ توهان کي وري جيئرو ڪري ڇڏيو آهي، مريم نواز سياسي ڏڦيڙ ۽ مخصوص مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، هو بدتميز ۽ بي ادب آهي، کيس وڏن جو ادب ناهي.