اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لاهور صورتحال تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته لاهور ۾ ٿيل واقعن تي مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته ڇا اسان وڏي خطرناڪ سياسي منظرنامي طرف وڃي رهيا آهيون، مون کي سمورن سياستدانن وانگر عمران خان جي حفاظت ۽ عزت جو برابر فڪر آهي، هن چيو ته غير ضروري انتقامي سياست، حڪومت کي عوام جي معاشي بدحالي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.