اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته جنرل باجوه، فيض حميد ۽ نويد مختار 2018ع ۾ وزيراعظم بڻجڻ جي آڇ ڪئي هئي، قبول ڪريان ها ته عمران وزيراعظم نه بڻجي سگهي ها، نوازشريف ڪجهه ڏينهن يا هفتن ۾ وطن واپس ايندو، عمران خان جا وارنٽ حڪومت نه عدالت جاري ڪيا آهن، نجي تي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته جولاءِ 2018ع جي اليڪشن کان ڪجهه هفتا اڳ ان وقت جي آرمي چيف جنرل باجوه، جنرل فيض حميد ۽ جنرل نويد مختار هڪ گڏجاڻي ۾ وزيراعظم بڻجڻ جي مونکي آڇ ڪئي هئي، انهن ٽنهي ڊيل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر مون انڪار ڪندي چيو ته نوازشريف منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، آئون پنهنجي ڀاءُ جي پٺيءَ ۾ ڇرو هڻي وزيراعظم نه ٿو بڻجي سگهان، صحافي سوال ڪيو ته جيڪڏهن اوهان انڪار نه ڪريو ها ته عمران خان وزيراعظم نه بڻجي سگهي ها؟ جنهن تي شهبازشريف چيو ته جيڪڏهن آئون انڪار نه ڪريان ها ته عمران وزيراعظم نه بڻجي سگهي ها. هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو ميرٽ تي ٿيو، جي ايچ ڪيو فهرست موڪلي، ان ۾ سينارٽي ۾ پهريون نمبر جنرل عاصم منير جو هو. وزيراعظم شهبازشريف چيو ته اسان اپوزيشن ۾ هئاسين ته رانا ثناءُ الله کي جعلي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، سندس ڪيس ۾ واٽس ايپ تي جج تبديل ڪيو ويو، ماڊل ٽائون ۾ منهنجي نياڻين جي گهرن جو گهيراءُ ڪيو ويو، آصف زرداري جي ڀيڻ کي عيد جي رات گرفتار ڪيو ويو، نوازشريف جو روز ڪيس هلندو هو، خواجا آصف کي سردي ۾ جيل ۾ زمين تي ليٽايو ويو، مونکي به جيل ۾ هيٽر دير سان ڏنو ويو، عمران خان پنهنجي ساٿين سان گڏجي اسان کي ديوار سان لڳائڻ جي ڏينهن رات ڪوشش ڪئي، عمران جي دور ۾ سندس اجازت بنا جهرڪي به پر نه هڻي سگهندي هئي  پر اڄ عمران عدليا کان بچڻ لاءِ بزرگي، بيماري ۽ لاچاري جا بهانا ڳولي رهيو آهي، هن عدليا کي گهٽ وڌ ڳالهايو، عمران خان خلاف وارنٽ عدالتن ڪڍيا آهن، عدالتي حڪمن تي انتظاميا عمل نه ڪري ته ٻيو ڇا ڪري؟ اسان عمران خان خلاف ڪو ڪيس نه ٺاهيو، قانون حرڪت ۾ آيو آهي. شهبازشريف چيو ته عمران کي ڪعبته الله ماڊل جي گهڙي ملي، هن اها کپائي ڇڏي، هن واچ دبئي ۾ کپائي ۽ رسيد وري اسلام آباد جي ڏني، عمران آمريڪا تي رجيم چينج جو بدترين الزام لڳايو ۽ هاڻ آمريڪا کان معافي گهري، ملڪ کي ڏيوالو ڪري ويو، پاڪستان جو اعتماد ختم ڪري ڇڏيو، آءِ ايم ايف جا سخت ترين شررط به اسان مڃيا، مونکي خبر هئي ته پاڪستان گهڻي ڀاڱي ڊفالٽ ٿي چڪو آهي، اها خبر نه هئي ته عمران خان آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي تحت هٽي ويندو. هن چيو ته اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، گذريل آدشماري تي سنڌ ۽ ٻين صوبن کي شديد اعتراض هئا، هاڻي آدشماري ٿي رهي آهي، ان لاءِ اربين رپين جا فنڊ وفاقي حڪومت ڏنا آهن، سي سي آءِ ۾ فيصلو ٿيو هو ته نيئن آدمشماري تحت اليڪشن ٿيندي، ڇا آدمشماري چونڊ عمل جو حصو ناهي؟ ڪهڙي جماعت اليڪشن کان لهرائيندا، ايئن ته اها پنهنجا ٽين ٽپڙ گول ڪندي، نواز ليگ جو صدر آهيان، مون اعلان ڪيو آهي ته وقت گهٽ آهي، اليڪشن جي تياري ڪئي وڃي، اسان اعلان ڪيو آهي ته اڄ به ٽڪيٽ لاءِ اسانجا دروازا کُليل آهن. وزيراعظم چيو ته اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت عوام کي رليف ڏنو، ملڪ ۾ ٻوڏ تباهي مچائي، يوڪرين جنگ سبب غذائي کوٽ جي پوري دنيا ۾ کوٽ ٿي. هڪ سوال تي شهبازشريف چيو ته مريم نواز نائب صدر ۽ چيف آرگنائيز جو عهدو محنت سان حاصل ڪيو، ن مان ش نڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کي منهن واري کائڻي پئي، نوازشريف ڪجهه ڏينهن يا ڪجهه هفتن ۾ واپس اچي سگهي ٿو، جيئن ڊاڪٽر اجازت ڏيندا، نوازشريف وطن واپس اچي ويندو، ارشد شريف جي خاندان کي انصاف ملڻ تائين سڪون سان نه ويهنداسين.