مريد شاخ (ن پ ا ) مريد شاخ ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ هوٽل تي مزدوري ڪندڙ پورهيت بهرام ڪوش کي گڊو لنڪ روڊ تان ڏوهاري اغوا ڪري کڻي ويا. ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جو نوجوان هوٽل تي پورهيو ڪندو هو، شام جي وقت گهر اچي رهيو هو ته اغوا ٿي ويو. جڏهن نوجوان  گهر نه پهتو ته پڇا ڳاڇا ۽ ڳولا ڪرڻ تي سندس موٽرسائيڪل گڊو لنڪ روڍ تان ملي آهي. هنن جو چوڻ هو ته نوجوان  کي اغوا ڪيو ويو آهي. اهڙي رپورٽ کنڀڙا ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ياد رهي ته ٻه هفتا اڳ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪچي طرف بچاءَ بند تي 60 پوليس پڪٽن جو افتتاح ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي هئي ته ڪچي جا ڏوهاري پڪي طرف نه اچي سگهندا ۽ پڪي جا ڏوهاري ڪچي نه وڃي سگهندا، ان جي باوجود به اغوا جون وارداتون جاري آهن.