ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور مان 20 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل نينگر خير بخش مزاري بازياب ٿي ويو، جڏهن ته سندس پلاند ۾ مبينا اغوا ڪيل شر برادري جي 2 نينگرن کي به ڇڏيو ويو،  ٻڌايو پيو وڃي ته مزاري برادري جي ھڪ ۽ شر برادري جي ٻن نينگرن کي راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ڪرايو ويو آهي، شر برادري جي ٻن نينگرن مختيار شر ۽ منير شر کي 4 ڏينهن اڳ بس مان لاهي اغوا ڪيو ويو هو، جڏهن ته مزاري برادري جي نينگر کي 20 ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو هو، ذريعن موجب شر ۽ مزاري برادري جي اهم شخصيتن ڌرين سان ڳالهيون ڪري نينگرن کي بازياب ڪرايو.