مرزاپور ڀرسان ڳوٺ تي پوليس چڙهائي، 9 ڄڻا گرفتار، ڳوٺاڻن جو مظاهرو

0
307

مرزاپور : مرزاپور ڀرسان ڳوٺ تي پوليس چڙهائي، 9 ڄڻا گرفتار، ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو. ڳوٺاڻن موجب مختلف ٿاڻن جي پوليس ايس ايڇ او ڳاهيجا غلام مصطفيٰ ابڙو جي اڳواڻي ۾ ٻروچ ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي، هنن الزام هنيو ته اهلڪارن طرفان عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪري گهرن ۾ رکيل سامان جي ڀڃ ڊاهه ڪندي سونا زيور، روڪ رقم، ڪپڙا ، ھنڌ، بسترا ۽ ٻيو سامان کنيو ويو آهي. ڳوٺاڻن گلزار جتوئي، غازي خان ۽ ٻين چيو ته مگسين کان زمين خريد ڪئي قبضو نه پيو ڏنو وڃي جنهن جو فيصلو عيد کانپوءِ مشورن واري سائين منظور احمد رکيل هو، مگسين اثر رسوخ استعمال ڪندي اسان خلاف زمين تي قبضي جي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي آهي، ڳوٺاڻن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي معاملي جي جاچ ڪرائي زمين اسان جي حوالي ڪري زمين تي قبضي جو ڪوڙو ڪيس خارج ڪري گرفتار ماڻهو آزاد ڪيا وڃن. هوڏانهن پوليس جو چوڻ هو ته جتوئي برادري جي ماڻهن خلاف زمين تي قبضي جي ايف آئي آر داخل هجڻ ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي، گرفتار ڪيلن مان ڪيس ۾ نامزد 3 جوابدارن کانسواءِ ٻين ڳوٺاڻن کي آزاد ڪيو ويو آهي.