ملير ( ن پ ا ) ابراهيم حيدري مان هٿياربندن پاران گهر مان ڦرلٽ بعد اغوا ڪيل ٻارڙي کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو آهي، پوليس موجب گرفتار جوابدار رزاق جي نشاندهي تي ٻارڙي عمار حسين کي بازياب ڪرايو آهي، گذريل رات چئن هٿياربندن شهري جاويد جي گهر ۾ داخل ٿي ڦرلٽ بعد ٻارڙي کي اغوا ڪيو هو.