دادو: شاهاڻي برادري جي سردار چاڪر خان شاهاڻي جي ڀاء غلام علي شاهاڻي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته غلام مرتضيٰ ۽ عاقب خان جتوئي وارا ڪيٽي جتوئي ۾ شڪارپور مان ڏوهاري گهرائي دهشت پيا ڦهلائين، پيري سان ويل هٿين خالي ماڻهن تي فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪرايو ويو آهي، جنهن جو کين جلد جواب ملي ويندو. غلام علي شاھاڻي وڌيڪ ٻڌايو ته 17 سالن کان ڪچي جي زمين تان شاهاڻي برادري ۽ عاقب خان جتوئي سان تڪرار آهي. عاقب خان وارن دادو ضلعي جي حد ۾ ايندڙ زمين تان قبضو ختم ڪرڻ جو چيو هو پر سيٽلمنٽ کاتي وارا ماپ نه پيا ڪن، ان ڪري هاڻي اسانجي برادري جا ماڻهو قبضو نه ڇڏيندا. ٻئي پاسي معاملي تي جتوئي اڳواڻن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.