دادو : ڪيٽي جتوئي ۾ ٻن ڳوٺاڻن جي قتل واقعي بابت ايس ايس پي اعجاز احمد شيخ مقرر ڪيل جاچ آفيسر ڊي ايس پي نور محمد سرهياڻي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڪيٽي جتوئي ۾ غلام مرتضيٰ ۽ عاقب خان جي بنگلن مان سندس هٿياربند ماڻهو نڪري وڃڻ ڪري انهن بنگلن تي پوليس پڪٽ قائم ڪري 20 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا آهن، انهن بنگلن تي شاهاڻي برادري جي ماڻهن جو قبضو ناهي، هن ٻڌايو ته ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيل جوابدار ياسين جتوئي سميت 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي.