دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو جي ڪچي ۾ ڪيٽي جتوئي ۾ پيري سان ويل ڳوٺاڻن تي فائرنگ سبب ٻن ڳوٺاڻن منٺار ۽ طالب شاهاڻي جي قتل واري واقعي کانپوء شاهاڻي ۽ جتوئي ڌرين ۾ تڪرار تيز ٿي ويو آهي. غلام مرتضيٰ ۽ عاقب جتوئي جي ڪيٽي جتوئي وارن بنگلن تي مقرر جتوئي برادري جا هٿيار بند ماڻهون نڪري وڃڻ سبب شاهاڻي برادري جي هٿيارن سان ليس ماڻهن انهن تي قبضا ڪري ورتا آهن، جنهن سبب تڪرار ۾ شدت اچي وئي آهي، اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي ڪيٽي جتوئي سندن بنگلن تان ڪيل قبضا ختم ڪرڻ ۽ ٺاھ لاء سردار چاڪر خان شاهاڻي، مير منظور پنهور ۽ پي پي ايم اين اي رفيق احمد جمالي سان رابطا پڻ ڪيا آهن پر شاهاڻي برادري جي ڳوٺاڻن پهريان غلام مرتضيٰ ۽ عاقب خان جتوئي پاران دادو ضلعي ۾ ايندڙ زمين تي ڪيل قبضا ختم ڪرڻ جو شرط رکي ڇڏيو آهي، ٻئي طرف اڄ دادو ۾ سردار چاڪر خان شاهاڻي جي اوطاق تي شاهاڻي برادري جو ڪٺ پڻ ڪوٺا ويو آهي جنهن ۾ پيش آيل واقعي بابت حتمي لائحه عمل جوڙيو ويندو. ان سلسلي ۾ رٽائرڊ ڊي ايس پي محمد عمر ، رٽائرڊ ڊي ايس پي امان الله شاھاڻي، شعيب خان شاهاڻي جي نگراني ۾ 5 رڪني ڪاميٽي جوڙي آهي. جڏهن ته ڪيٽي جتوئي ۾ پوليس پڻ مقرر ڪرڻ جا اطلاع آهن. جڏهن ته ڌرين جي تڪرار سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي ۽ خونريزي جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. سڄاڻ ڌرين ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائي خونريزي روڪرائڻ جي به گھر ڪئي آهي.