اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان جي ڪابينا سخت اختلافن جو شڪار ٿي وئي، وزارت توانائي ۽ پيٽروليم ٻين وزارت جي مداخلت جي شڪايت ڪري ڇڏي، توانائي وزارت طرفان وفاقي وزير علي زيدي ۽ اسد عمر جي مداخلت جي شڪايت سامهون آئي آهي، اسد عمر کي توانائي ڪاميٽي جي سربراهي تان هٽائڻ جو امڪان آهي، توانائي بابت ڪابينا ڪاميٽي جي سربراهه اسد عمر ۽ ميمبر علي زيدي تي توانائي وزارت ڪم ۾ مداخلت جو الزام لڳايو هي، گذريل ٽن سالن ۾ پيٽروليم ۽ توانائي وزارت جي غلط يا دير سان فيصلن سبب ملڪ کي 122 ارب جو نقصان ٿي چڪو آهي، جنهن بعد وزيراعظم پهرين نديم بابر کي هٽايو، پوءِ وري عمر ايوب کان وزارت کسي، حماد اظهر کي وزير مقرر ڪيو ويو، تابش گوهر کي معاون خصوصي جي ذميواري ڏني وئي پر هاڻ هن وزارت طرفان ٻين وزارتن جي مداخلت جي شڪايت سامهون آئي آهي، ذريعن موجب اختلاف اينگرو ٽرمينل جي ڊرائي ڊاڪنگ کان شروع ٿيا، جڏهن علي زيدي اينگرو ڪمپني خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪري رهيو هو، گڏو گڏ ڊرائي ڊاڪنگ جي اجازت ڏيڻ تي اختلاف هئا پر توانائي ۽ پيٽروليم وزارت عالمي قانونن کي ڏسي فيصلا ڪري رهي هئي، گڏو گڏ وزارت توانائي ۽ پيٽروليم سرديءَ جي موسم کي ڏسندي اينگرو ڊرائي ڊاڪنگ بعد ايندڙ 780 ايم ايم سي ايف ڊي جي وڏي جهاز کي رکڻ چاهي ٿي، ٻي ٽرمينل کي به پوري گنجائش يعني 750 ايم ايم سي ايف ڊي تائين هلائڻ چاهي ٿي، جنهن جي لاءِ سوئي ڏکڻ جي نيٽ ورڪ ۾ موجود 300 ايم ايم سي ايف ڊي جي اضافي گنجائش ٿرڊ پارٽي ايڪسيس جي تحت هن ٻنهي ٽربيونلز کي ڏيڻي پوندي پر هتي به توانائي ۽ پيٽروليم وزارت شديد دٻاءُ ۽ مداخلت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، وزارت تي دٻاءُ وڌيو پيو وڃي ته 2 نوان ايل اين جي ٽرمينلز (جنهن تي اڄ جيڪڏهن ڪم شروع ٿيندو، ٻه کان اڍائي سالن ۾ مڪمل ٿيندو) انهن کي هي اضافي 300 ايم ايم سي ايف ڊي جي گنائش ڏني وڃي، اها پهرين موجود ٽرمينلز کي نه ڏني وڃي، جڏهن ته پيٽروليم ۽ توانائي وزارت پريشان آهي ته ايندڙ ٻن سردين ۽ ٻن گرمين ۾ گيس بحران کي ڪيئن منهن ڏنو ويندو، ذريعن جي دعويٰ آهي ته وزير حماد اظهر ۽ خصوصي معاون تابش گوهر پنهنجي ڪم ۽ وزارت ۾ مداخلت تي پريشان آهن ۽ انهن اها شڪايت وزيراعظم تائين به پهچائي آهي، ذريعن موجب وزيراعظم توانائي وزير جي موقف تي راضي ٿيو آهي ته موجوده ٽرمينلز جي موجوده گنجائش استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي ۽ اينگرو جو وڏو جهاز واپس نه ڪيو ويندو، جڏهن ته وفاقي وزير اسد عمر کي ڪابينا جي توانائي ڪاميٽي جي سربراهي تان هٽائڻ جو امڪان آهي، نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب توانائي ڪاميٽي ميمبرن ۾ اختلافن سبب وزيراعظم مداخلت تي مجبور ٿي ويو آهي ته جيئن معاملن کي ٺيڪ ڪري سگهجي، ڪابينا جي توانائي ڪاميٽي جي سربراهه اسد عمر ۽ ميمبر علي زيدي جي مداخلت سبب ڪاميٽي ۾ ويڇار پيدا ٿي ويا آهن، اختلافن ۾ ان وقت اضافو ٿيو جڏهن وفاقي وزير اعظم سواتي جي سربراهي ۾ ڊرائي ڊاڪنگ معاملي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي، ذريعن موجب وفاقي وزير حماد اظهر ۽ معاون خصوصي تابش گوهر وفاقي وزير علي زيدي جي مداخلت تي احتجاجن ڪاميٽي جي آخري ٻن اجلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ معاملو ان وقت وڌيڪ خراب ٿيو، جڏهن ته اعظم سواتي ٻاهرين شخص کي ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو، ذريعن موجب اعظم سواتي جي ڪاميٽي توانائي وزارت کي 29 سوال موڪليا آهن، جيڪي توانائي وزير ۽ سيڪريٽريز طرف اشارو ڪن ٿا، ڪاميٽي جو سوالنامو ملڻ بعد سيڪريٽري پيٽروليم ۽ سيڪريٽري توانائي وزير توانائي حماد اظهر ۽ معاون خصوصي تابش گوهر کي شڪايت ڪئي ۽ چيو ته اسان هن ماحول ۾ ڪم نه ٿا ڪري سگهون، جنهن بعد حماد اظهر ۽ تابش گوهر وزيراعظم سان ملاقات ڪري علي زيدي جي شڪايت ڪئي، ذريعن موجب وزيراعظم علي زيدي کي هدايت ڪئي ته توانائي وزارت جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪريو، ذريعن موجب پهرين تابش گوهر، عمر ايوب ۽ نديم بابر سان اختلافن سبب استعيفا ڏئي چڪو آهي، ذريعن موجب تابش گوهر کي عهدي تان هٽائڻ جون اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن، فيصلو ڪندڙن انرجي سيڪٽر جي تجربيڪارن سان رابطا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.