ڪراچي:  ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب پنهنجي استعيفا وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڏانهن اماڻي ڇڏي، هن استيعفا ۾ لکيو آهي ته مون کي جيڪا ذميواري سونپي وئي، ان ۾ بهتري لاءِ ڪوششون ڪندو رهيس. هاڻي ذاتي مصروفيتن سبب ايڊمنسٽريٽر واري عهدي جي وڌيڪ ذميواري نڀائي نٿو سگھان. منهنجي استعيفا منظور ڪئي وڃي.