ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ويجهڙائي واري تاريخ ۾ پهريون ڀيرو  پرڳڻي جا سمورا تعلقي مختيارڪار ۽ هيڊ منشي ( اسسٽنٽ مختيارڪار) مطالبن جي مڃتا لاءِ روڊن تي اچي ويا، اڄ ڪم ڇڏ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي، مختيارڪارن جي اڳواڻ عزيز جوڻيجي جو چوڻ آهي ته اڄ حيدرآباد ۾ شهباز بلڊنگ ۾ واقع بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر جي آفيس ٻاھران احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته مختيارڪار جي پوسٽ 17 ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار جي پوسٽ 16 گريڊ ۾ اپگريڊ ڪئي وڃي، ايڪس پي سي ايس، پي ايس ايس ۽ پي ايم ايس  جيان مختيارڪارن ۽ سسٽنٽ مختيارڪارن  کي الڳ بجيٽ، ڊي ڊي او پاور،  ايگزيڪيوٽو/ فيلڊ ۽ يوٽلٽي الائونس، سرڪاري گاڏي، گهر ۽ گارڊ ڏنا وڃن، اسان جون ترقيون هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تحت ڪيون وڃن، هن  چيو ته مطالبا منظور ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو