وارھ (ن پ ا) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي مطالبو ڪيو آھي ته عمران خان خلاف قومي اسيمبلي ۾ مذمتي ٺھراءُ پاس ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هُو ملڪ ۾ مارشلا جا مطالبا ڪري رهيو آھي. وارھ ۾ اڳوڻي يوسي چيئرمين علي حسن بروهي جي وفات تي تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ ڪنهن به مارشلا جي حامي سياستدان کي سياست جو حق نه هجڻ گهرجي عمران خان جڏھن کان سياست ۾ آيو آھي ته ڏڦيڙ ۽ گارگند سان گڏ مارشلا جا مطالبا ڪندو رهيو آھي ملڪ کي اهڙن سياستدانن جي ضرورت ڪونهي انڪري عمران خان خلاف قومي اسيمبلي ۾ مذمتي ٺھراءُ اچڻ سان گڏوگڏ مارشلا مخالف بل به اچڻ گهرجي ۽ اهڙو اڳ ۾ بل سنڌ اسيمبلي به آندو هيو جڏھن هڪ  ميمبر مارشلا جو مطالبو ڪيو هيو، نثار کهڙو چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهي بلوچستان کان آيل پاڻي آندي اها هڪ قدرتي آفت هئي هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته کيس 37 ڪروڙ 66 لک رپين جو خشڪ ميوو ٻوڏ متاثرن ۾ ورهائڻ بابت خبر ناهي نه وري هن اهڙو ڪو ليٽر ڏٺو آھي.

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته عمران خان کي جن اقتدار ۾ آندو تن کي به هن شرمسار ڪيو. پيپلزپارٽي تي ڪو به ڏکيو وقت نه آهي. خبيث خان کي تازين چونڊن ۾ نه رڳو ڪراچي پر ملتان ۾ به شڪست ملي. عمران خان ناڪام وزيراعظم هو. هن کي ناڪامين جي ڪري پوري دنيا ناڪام تسليم ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن پ پ حيدرآباد پاران آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو جي ميزباني هيٺ شورا هائوس ۾ منعقد ڪيل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هو عوام کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته عوام تاريخي ٻوڏ کي برداشت ڪيو. عمران خان ٻوڏ دوران صرف 2 منٽن لاءِ سکر آيو. ماڻهن جڏهن کانئس برسات ۾ ٻڏڻ وقت نه اچڻ جو پڇيو تڏهن هو اتان ئي فرار ٿي ويو. هن دعويٰ ڪئي هئي ته برسات متاثرين جي لاءِ 5 ارب گڏ ڪيا آهن پر خبر نه آهي ته اهي پئسا ڪيڏانهن هليا ويا. هن چيو ته عمران خان رڳو توشا خانه جون شيون چوري نه ڪيون پر هن ٻيو به گهڻو ڪجهه ڦريو ۽ لٽيو آهي. تاريخ ۾ اهڙي ذلت ڪنهن به وزيراعظم کي نه ملي جهڙي عمران خان کي ملي آهي.  هن چيو ته عمران خان پاڻ ئي چيو هو ته باجوه صاحب ڪراچي ۾ سندس مدد ڪئي. هن کيس آڻڻ وارن کي به شرمسار ڪيو. هن چيو ته فوج هڪ نه پر ٻه ڀيرا چئي چڪي آهي ته سندن سياست ۾ ڪا مداخلت نه آهي پر عمران خان ٻيهر فوج کي سياست ۾ گهلڻ چاهي ٿو. عمران خان جي مارچ دوران هڪ شخص کي چهري تي گولي لڳي ۽ ٻين کي ڄنگهن ۾ گوليون لڳيون اها عجيب منطق آهي پر ان واقعي تي افسوس ڪري سگهجي ٿو.