ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اڄ اليڪٽرڪ بسن جي ٽيسٽ ڊرائيو ٿيندي، ان حوالي سان ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو، دنيا جون جديد بسون ھاڻي ڪراچي جي روڊن تي نظر اينديون. هن چيو ته ٽرانسپورٽ کاتو  ڪراچي ۾ نئين بس سروس شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي،  جيڪا پاڪستان جي پهرين اليڪٽرڪ بسن تي ٻڌل سروس آھي، اها   مڪمل طور تي ماحول دوست آھي.