ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ ٿيندي، جنهن ۾ قومي ٽيم جي سينيئر رانديگر محمد حفيظ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 2 رڪارڊ پنهنجي نانءُ ڪندو. محمد حفيظ موقعو ملڻ تي ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سينچري مڪمل ڪندو، جڏهن ته اڃا تائين شعيب ملڪ کي پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ ميچز کيڏڻ جو اعزاز حاصل آهي. شعيب ملڪ 116 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏندڙ واحد پاڪستاني ڪرڪيٽر آهي. محمد حفيظ 99 ٽي ٽوئنٽي ميچز ۾ 2 هزار 323 رنز ٺاهيون، جڏهن ته شعيب ملڪ 116 ميچز ۾ 2هزار 335 رنز ٺاهي چڪو آهي. شعيب ملڪ کان اڳتي نڪرڻ لاءِ محمد حفيظ کي وڌيڪ 13 رنز گهربل آهن. شعيب ملڪ جو چوڻ آهي ته دعاگو آهيان ته محمد حفيظ اڄ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ انٽرنيشنل ميچز جي سينچري مڪمل ڪري، محمد حفيظ ڪيريز تي موجود هجي ته بيٽنگ ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي.