لاهور (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي نمائندگي ڪندڙ ڪرڪيٽر اعظم خان فٽنيس بهتر ڪرڻ لاءِ 10 ڏينهن ۾ 5 ڪلو وزن گهٽائي ڇڏيو آهي. اڳوڻي ڪرڪيٽر معين خان جي پٽ اعظم خان فٽنيس تي نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. اعظم خان جو چوڻ آهي ته مون 10 ڏينهن ۾ پنج ڪلو وزن گهٽايو آهي، اڃا وڌيڪ گهٽائيندس، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ پرفارم ڪري قومي ٽيم ۾ اچڻ چاهيان ٿو. واضح رهي ته ان کان اڳ ڪرڪيٽر 140 ڪلو مان وزن گهٽائي 108 ڪلو گرام ڪيو هو، هن تقريبن 32 ڪلو وزن گهٽايو آهي.