ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ون ڊي سيريز کٽڻ کانپوءِ ٽي 20 ۾ ڪاميابي جو مشن شروع ٿي ويو آهي، پاڪستان اڄ ڏکڻ آفريڪا سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار آهن. ڏکڻ آفريڪا ياترا تي ويل پاڪستاني ٽيم 3 ون ڊي ميچز تي ٻڌ سيريز 1-2 تان کٽي پوائنٽس ۾ اضافو ڪرايو. پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ شام ساڍا پنج وڳي شروع ٿيندي، ڏکڻ آفريڪا جا اهم رانديگر اسڪواڊ ۾ شامل ناهن. پاڪستان لاءِ ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽڻ جو به بهترين موقعو: ڏکڻ آفريڪي ڪپتان طرفان ڪم بيڪ ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي. پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ آهي ته گرين شرٽس فارم ۾ آهي، ون ڊي جيان ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽينداسين.