محرم راز .. اچو! اڄ آزادي جي تحريڪ جي هڪ هيرو کي ياد ڪيون

0
198
محرم راز .. اچو! اڄ آزادي جي تحريڪ جي هڪ هيرو کي ياد ڪيون

  اڄ پاڪستان جي آزادي جو 76هون  ڏينهن آهي،گذريل 75 سالن کان اسان آزادي جي وهم ) (Myth  of  Independenceسان گڏ  جي رهيا آهيون۽ اڃا تائين حقيقي آزادي جي ڳولا ۾ آهيون.انهي بحث ۾ڦاسڻ کانسواءِ ته اسان کي حقيقي آزادي ملي  يا نه،اڄ اسان آزادي جي تحريڪ جي هڪ هيرو کي ياد ٿا ڪيون ته جيئن حقيقي آزادي جي مفهوم کي سمجهي سگهون. انهي هيرو جو نالو آهي شهيد اوڌم سنگهه،جنهن کي 31 جولاءِ 1940ع تي اتر لنڊن جي  جيل پينٽون ولي(Penton Ville)۾ ڦاسي جي ڦندي تي لٽڪايو ويو هو ،جڏهن هن جي عمر صرف 40  سال ڪجهه مهينا  هئي.

                 شهيد اوڌم سنگهه کي هڪ اڳوڻي برطانوي فوجي آفيسر مائيڪل او ڊائر کي قتل ڪرڻ جي سزا ڏني وئي هئي.مائيڪل او ڊائر برٽش انڊيا ۾ پنجاب جو ليفٽيننٽ گورنر رهيو هو ۽ هن 13 اپريل 1919ع تي امرتسر جي جليانواله باغ ۾ مظاهرين جي قتل عام جو حڪم ڏنو هو.شهيد اوڌم سنگهه 26ڊسمبر 1899ع ۾ مشرقي جي ضلعي سنگرور جي ڳوٺ سونم ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو هو،جنهن کي پوءِ “سونم اوڌم سنگهه وارو” جو نالو ڏنو ويو هو.برطانوي راڄ جا ظلم ڏسندي ننڍي عمر ۾ ئي هن جي سوچ باغياڻي ۽ انقلابي ٿي وئي هئي.هن غدر پارٽي ۽ هندوستان سوشلسٽ ريپبلڪن ايسوسيئيشن (ايڇ ايس آر اي)۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.هو جليانواله باغ سانحي جو اکين ڏٺو شاهد هو.

جليانواله باغ سانحي جو پس منظر ڪجهه هيئن آهي.هندوستان ۾ وڌندڙ مزاحمتي تحريڪن مان برطانوي نوآبادي حڪومت گهڻو پريشان هئي .هن 1918ع ۾ هڪ انگريز جج سڊني رولٽ (Sydney Rowlett)جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي هئي.انهي ڪميٽي کي اها ذميواري ڏني وئي هئي ته هو هندوستان جي مزاحمتي تحريڪن ۽ خاص ڪري بنگال ۽ پنجاب ۾ هلندڙ تحريڪن کي چٿڻ لاءِ سفارشون جوڙي. ڪميٽي جي سفارشن تي رولٽ ايڪٽ لاڳو ٿيو،جيڪو ڊفينس آف انڊيا ايڪٽ جو واڌارو هو. انهي ايڪٽ جي ذريعي وائسراءِ هند جي حڪومت کي تمام گهڻا اختيار ڏنا ويا هئا. ايڪٽ تحت سرڪاري آفيسر سبب ٻڌائڻ بنا مقامي ماڻهن کي نظربند ۽ غائب ڪري سگهندا هئا.پريس تي پابندي لڳائي سگهجي پئي۽ ڪو ڪيس هلائڻ کانسواءِ ڪنهن کي به موت جي سزا سميت ڪا به سزا ڏئي سگهجي پئي.رولٽ ايڪٽ لاڳو ڪرڻ خلاف زبردست ردعمل سامهون آيو.۽ “ستيه گره”يا سول نافرماني جي تحريڪ  جي شروعات ٿي.جليانواله باغ  ۾ ٿيل سياسي  ميڙ به انهي تحريڪ جو تسلسل هو. امرتسر جي ست کان اٺ ايڪڙ واري انهي جليانواله باغ جي ميدان ۾ تقريبن 25 هزار ماڻهو گڏ ٿيل هئا.جن ۾ هندو ،مسلم،سک،عيسائي سڀ  شامل هئا.ميدان جو داخلي رستو سوڙهو هو۽ چئني پاسي ڳوڙهي آبادي هئي.ماڻهن ۾ تمام گهڻي ڪاوڙ  ۽ ڏک هو ڇو ته رولٽ ايڪٽ تحت تمام گهڻن ماڻهن خلاف ڪارروايون ٿيون ۽ گهڻا ماڻهو ماريا به ويا هئا. جليانواله باغ جو ميڙاڪو تمام وڏو هو،جيڪو برطانوي نو آبادي حڪومت لاءِ برداشت جوڳو نه هو.برٽش انڊين آرمي جا آفيسر ۽ جوان اتي موجود هئا،انهن جو تعلق سک،گورکا،بلوچ ۽ راجپوت رجمينٽس سان گڏگڏ سنڌ رائيفل  سان هو. انهن  اتي ماڻهن تي ان وقت تائين گوليون هلايون جيستائين گوليون ختم نه ٿي ويون.تقريبن ڏيڍهزار ماڻهو موقعي تي شهيد ٿي ويا. اوڌم سنگهه به فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو هو پر هو زنده بچي ويو. انهي وقت هن جي عمر  رڳو 15 سال هئي. جليانواله باغ ۾ هن جي ڊيوٽي هئي ته هو ماڻهن کي پاڻي پياري.اهو عظيم سانحو هن جي دماغ تي سدائين لاءِ نقش ٿي  ويو هو.

21 سالن کانپوءِ 13 مارچ 1940ع تي لنڊن جي ڪيڪسٽن (Caxton) هال ۾ ايسٽ انڊيا ايسوسيئيشن ۽ رائل سينٽرل ايشين سوسائٽي جو هڪ وڏو جلسو ٿيو.انهي جلسي کي اڳوڻي ليفٽيننٽ گورنر پنجاب ۽ ريٽائرڊ برگيڊيئر جنرل مائيڪل او ڊائر خطاب ڪيو،جنهن جليانواله باغ ۾ قتل عام جي منصوبي جي منظوري ڏني هئي.مائيڪل او ڊائر جيئن ئي خطاب ڪري هيٺ لٿو ،اوڌم سنگهه انهي جي پويان اچي بيٺو۽ انهي جي پٺي ۾ گوليون هڻي ڪڍيون. جنرل ڊائر اتي ئي ڍير ٿي ويو.شهيد اوڌم سنگهه کي اتي ئي گرفتار ڪيو ويو.هن کان جڏهن سندس نالو پڇيو ويو ته هن چيو ته منهنجو نالو “رام محمد سنگهه آزاد” آهي. انهي نالي سان هندوستان جي ٽن وڏن مذهبن جي يڪجهتي جو اظهار ٿئي ٿو. هن کان پڇيپو ويو ته “تو هي قتل ڇو ڪيو ؟ ته هن چيو ته مان هن قتل جو 21 سال ڊگهو انتظار ڪيو .هن شخص نه رڳو منهنجي ماڻهن جو قتل ڪيو پر منهنجي ماڻهن جي روح کي به چٿيو.”31 جولاءِ 1940ع تي جڏهن اوڌم سنگهه کي ڦاسي ڏني وئي ته سرڪاري رڪارڊ ۾ هن جو نالو “رام محمد سنگهه آزاد” ئي لکيل هو .

رام محمند سنگهه آزاد شهيد جو فلسفو اهو ئي هو جيڪو شهيد ڀڳت سنگهه جو هو.اهو فلسفو اهو هو ته “برصغير جي حقيقي آزادي لاءِ سوشلسٽ انقلاب ضروري آهي،جيڪڏهن اهو انقلاب نه آيو ته سفيد گورن جي جاءِ تي ڪارا انگريز (مقامي حڪمران)هتي جي ماڻهن سان بک ،بيماري ،ناانصافي ،ذلت ،خواري ۽ باهه ۽ رت جي اهڙي راند کيڏندا جنهن سان انسانيت شرمائجي ويندي.حقيقي آزادي جي لاءِ طاقتور ڌر(اسٽيبلشمينٽ )جي روح کي قتل ڪرڻ ضروري آهي.

اڄ شهيد اوڌم سنگهه جي سوچ درست ثابت ٿي آهي .اڄ به رولٽ ايڪٽ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ لاڳو آهي .اڄ به جليانواله باغ جهڙا سانحا هر آئي ڏينهن ٿي رهيا آهن،جن ۾ بيگناهه ماڻهو مارجي رهيا آهن.باهه ۽ رت جي راند اڄ به جاري آهي .اڄ به ماڻهو پهرين کان وڌيڪ بک،بيماري ۽ بيروزگاري جو شڪار آهن.اڄ به ماڻهن سان قدم قدم تي  نا انصافي ٿئي ٿي. اسان اڄ به  حقيقي آزادي نه ملڻ تي ماتم ڪري رهيا آهيون، پر انهن 75 سالن ۾ بحيثيت قوم اسانجي اندر هڪ اهڙي صلاحيت پيدا ٿي چڪي آهي جيڪا دنيا جي ٻي ڪنهن قوم ۾ ناهي. اسان ماتم ڪرڻ ۽ جشن گڏ گڏ ملهائڻ جو هنر سکي ورتو آهي. هن آزادي جي ڏينهن تي به اها ئي صورتحال آهي. تنهن ڪري اڄ جي ڏينهن آزادي جي تحريڪ جي هيرو شهيد اوڌم سنگهه کي سلام ۽ آزادي جي وهم ۾ مبتلا  پاڪستان جي ماڻهن کي جشن آزادي مبارڪ.