عمران خان جو بيانيو، شهباز گِل جو زبانيو

0
195
لانگ مارچ، ستن جو انگ ۽ سولومن گرونڊي وارو نظم

  اقتدار کي حاصل ڪرڻ واري ويڙهه تي گهڻو ڪجهه سوار هوندو آهي. اسان جهڙن ملڪن ۾ ته اخلاق جون حدون ته پري رهيو پر قانوني، آئيني حدون به پار ڪيون وينديون آهن ۽ انهن هڙني غير اخلاقي، غير قانوني ۽ غيرآئيني قدمن کي اسان جون اعلى عدالتون پنهنجي مخصوص تشريح سان قانوني ۽ آئيني جواز فراهم ڪنديون رهيون آهن، ڪنديون رهن ٿيون. قائداعظم ٻين انيڪ مسلمان اڳواڻن جي وچ ۾، ڏکڻ ايشيا جو اهو واحد اڳواڻ هو جنهن برطانوي هندستان جي مسلمانن لاءِ نه صرف هڪ الڳ ملڪ کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪئي پر هو پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا جو هڪ جديد مسلمان اڪثريتي ملڪ بڻائڻ چاهي پيو. جيئن ته سندس اهو خيال اسلام پسندن کي قبول ڪونه هو سو هنن قائداعظم جي حقيقي خواب کي منظر تان هٽائي صرف سندس جي تصوير کي آڏو ڪري ڇڏيو جيڪا اسان کي پاڪستان جي سرڪاري توڙي خانگي ادارن جي دفترن ۾ سرعام نظر ته اچي ٿي پر ان کي صاحب جي ڪرسي جي پويان نمايان ڪيو ويو آهي. يعني هتي به ٻيائي کان ڪم ورتو ٿو وڃي. ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن تصوير آڏو هوندي ته صاحب جو گهڻو ڪجهه بگاڙي ته ڪونه سگهندي پر ڪڏهن ڪڏهن هن جي ضمير کي شرمندو ضرور ڪندي رهندي،

سو ڪرسي، قلابازي ۽ فردي نيتون  اسان جي سياست ۽ اسان جي ادارن سان ڳنڍيل آهن. پاڪستان ۾ اقتدار جي لاءِ ڊوڙون ۽ ان جي لاءِ وڙهڻ جي تاريخ اسان کي گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿي. اقتداري سياست ڪندڙ مڙني ڌڙن مان اقتدار جي هن ويڙهه ۾ سڀ کان اڳيان ڪير هجي ٿو؟ ظاهر آهي اهوئي هجي ٿو جنهن کي ووٽ ۽ نظريي يا عوامي خدمت ڪرڻ واري سچي جذبي جي نه، پر برادري، مذهب، قدامت پسندي جي ضرورت هجي ٿي. نوٽ ۽ لفٽ ملڻ جي پڪ هجي ٿي. يعني سياسي دڪان جي کولڻ جي کليل ڇوٽ هجي ٿي. ووٽ ته اصل ۾ هڪ قسم جي آئيني گهرج آهي جنهن کي رسمي طور تي پورو ڪيو وڃي ٿو. نظريي کي انقلاب کي آڻڻ جي لاءِ اهم سمجهيو وڃي ٿو سو ان کي خفو سمجهي ان ۾ هٿ ئي نٿو وڌو وڃي. باقي رهي ٿي عوامي خدمت ته اها هنن جي لاءِ هڪ ڍونگ کان علاوه ٻيو ڪجهه به ناهي. اصل ۾ اقتدار کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جيڪو وکر وڪامجي ٿو اهو اسان جي ملڪ ۾ عام جام موجود آهي. پاڪستان جي جيڪا به ٿوري گهڻي سياسي اقتداري تاريخ آهي اها اسان کي اهوئي ڪجهه ٻڌائي ٿي جيڪو اسان کي سڀني سياسي، مذهبي پارٽين ۾ نظر اچي ٿو ۽ هن وقت پي ٽي آئي جي شهباز گِل شڪل ۾ اسان جي سامهون آهي يعني حد پار ٿي وڃي ته پوءِ صرف صفايون رهجي وڃن ٿيون. چار پنج ڏينهن گذري ويا آهن پر صفايون کٽن ڪونه ٿيون، مذمتون اچن ڪونه ٿيون ۽ لاتعلقي جو اعلان ٿئي ڪونه ٿو ڇاڪاڻ جو همراهه عمران خان جو چيف آف سيڪيورٽي اسٽاف هجڻ سان گڏ بااعتماد فرد پڻ آهي.

شهباز گِل جي زبان هڪ ٽي وي چينل تي ڇا ڇا اچاريو هاڻي هڪ ملين ڊالر جهڙو سوال بڻجي ويو آهي. سندس گرفتاري به ان سوال جي پيري کڻڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي. توڙي جو هن قرباني جو ٻڪرو ٿيڻ جي لاءِ هي اعتراف به ڪري ڇڏيو آهي ته مون جيڪو ڪجهه بيان ڪيو اهو پارٽي پاليسي موجب هو جنهن جي وري هن ٻئي ڏينهن تي ترديد به ڪري ڇڏي آهي. شهباز گل واري معاملي تي پارٽي اڃان تائين چٽي ناهي سواءِ هڪ اڌ پريس ڪانفرنس، هڪ اڌ ملاقاتن يا عمران خان پاران روز روز سوشل ميڊيا تي لائيو اچڻ ۽ هن جو (معمولي) دفاع ڪرڻ ۽ صرف هڪ لفظ تي اعتراض وارڻ جي باوجود پارٽي ٻڌ تر جو شڪار نظر اچي رهي آهي.

تحريڪِ عدم اعتماد جي نتيجي ۾ اقتدار تان هٽڻ بعد، آمريڪي مخالف، بين الاقوامي ۽ مقامي اسٽيبلشمنٽ جي خلاف جيڪو هن بيانيو تيار ڪيو هو ان عمران خان کي مظلوم رهنما ته ڪونه بڻايو پر هن کي ايترو ته مقبول بڻائي ڇڏيو  جو وقت جي سرڪار واقعي هن جي مقبوليت کان خائف نظر اچي رهي هئي. هڪ طرف معاشي دڙڪا درپيش هئا (آهن) ته ٻئي طرف عمران خان جي مقبوليت جو گراف، حقيقت ۾اتحادي حڪومت جي لاءِ هڪ وڏو مٿي جو سور بڻجي چڪو هو جو ان مان جند آجي ڪرڻ جي لاءِ حڪومت مولانا فضل الرحمان کي آڏو ڪري ڇڏيو. مولانا جي دبنگ انٽري عمران خان کي سوڙهو ڪيو يا نه ڪيو پر مولانا جيڪو پيغام پهچائڻ چاهي پيو اهو ان لاڳاپيل فورمن تائين پهچائي ڇڏيو.

بي شمار  يوٽيوبرز، شاندار فيس بوڪ فالوونگ ۽ اڻ کٽ ٽوئيٽر ٽرينڊز جي ڪري پي ٽي آئي جي قيادت پنهنجي مقبوليت جي لاءِ جيترو پر اعتماد نظر اچي رهي هئي شهباز گل جي تازي بيان بعد ان ۾ گهٻ (ڊِينٽ) ضرور پيو آهي. هي پهريون ڀيرو آهي جو پارٽي جا پير اکڙجي رهيا آهن. پارٽي قيادت جي منهن جا تاثر هاڻي اهو ڪجهه نه ٻڌائي رهيا آهن جيڪو ڪجهه هفتا اڳ پي ٽي آئي جي ٽي مورتي ٻڌائيندي هئي ڇاڪاڻ جو پارٽي کي شايد هاڻي هي پڪ ٿي چڪي آهي ته جنهن جي ٻل تي پارٽي سياست ڪري رهي هئي،

ساڳئي ٻل تي پنهنجي مقبوليت تي ناز ڪري رهي هئي ۽ اسيمبليون ٽوڙائڻ ۽ چونڊن جا مطالبا بار بارڪري رهي هئي اهو اعتماد هن وقت پاسيرو ٿي ويو آهي ۽ جنهن جو ذڪر صدر عارف علوي به پنهنجي هڪ تازي ڪچهري دوران ڪيو آهي ته “چونڊن بابت هاڻ سڀني پارٽين جي راءِ بدلجي وئي آهي.” هن هي گفتو گورنر هائوس پنجاب ۾ سينئر صحافين سان ڪچهري ڪندي ڇڏيو. شهباز گل اهڙو ڇا چيو آهي جو هن تي غداري جي مقدمي واري تلوار لٽڪي رهي آهي. هن ملڪ ۾ هي حقيقت آهي ته جڏهن به ڪنهن تي ڪافر، وطن دشمن يا غداري جو ٽڪو لڳي وڃي ٿو ته ان کان ته پنهنجا به ونئون ويندا آهن هي ته پارٽي آهي جتي سواءِ مفادن جي ٻي ڪابه شيءَ اهميت ناهي رکندي. ماضي ۾ جن جن پارٽين جي قيادت ۽ اڳواڻن ڳاڙهي ليڪي کي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي انهن کي نه صرف حدن ۾ رهڻ جي لاءِ خبردار ڪيو ويو پر اڳواڻن کان پارٽيون به لاتعلق بڻجي ويون ۽ صفايون پيش ڪنديون رهيون. هڪ پارٽي جي قيادت ڪجهه وقت جي لاءِ دبئي هلي وئي ته ٻي پارٽي جي اڳواڻن کي پارٽي پاران شوڪاز نوٽيس ڏنا ويا نه صرف ايترو پر بنيادي ميمبرشپ ختم ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني وئي. لڳي ايئن ٿو ته شهباز گل واري معاملي ۾ ٿيندو ڪجهه به ڪونه جنهن جي سببن تي نٿا ڳالهايون ڇوته ڪجهه ڳالهيون سمجهڻ جون هونديون آهن.

شهباز گل جي ڊرائيور جي بني گالا ۾ موجودگي، ڇاپي جي اجازت ۽ وري آئي جي اسلام آباد کي منع ڪرڻ جي ڪهاڻي ته هي ٻڌائي رهي آهي ته بني گالا تي ڇاپو هڻڻ سولو ناهي ڇاڪاڻ جو ان جو انجام چونڊن جي اعلان جو سبب نه بڻجي پوي پر وري به آڏو راڻو ثناءَالله آهي سو لال حويلي جي شيخ رشيد ۽ فيصل آباد جي راڻي ۾ جيڪو انتظامي فرق هوندو اهو بني گالا تي ڇاپي هڻڻ مان ظاهر ٿي ويندو. جتي ادب ۽ آرٽ کي آزادي سان ڪم ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي
اتي جو ادب ۽ آرٽ نه صرف شاهڪار بڻجندو آهي پر ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر نالي ڪمائڻ سان گڏ ناڻو به خوب ڪمائيندو آهي. اڄڪلهه يا شروع کان اسان جي ملڪ جو جيڪو سياسي منظر نامو آهي ان کي توهان ميري شيلي جي جڳ مشهور ناول “فرينڪسٽائن” عرف جديد پروميٿيئس (پيش بيني) کي پڙهي اندازو لڳائي سگهو ٿا. بلڪل ان سرائيڪي چوڻي وانگي “ٻلي شينهن پڙهايا ڦر ٻلي ڪون کائڻ آيا” جي چٽي تصوير وانگي آهي خاص طور تي پي ٽي آئي ۽ طالبان جي خالقن جي لاءِ به هي درست نظر اچي ٿو. پڙهي توهان حيران و پريشان ٿيندا ته اسان هي ڪهڙي قسم جي سياسي تجربي مان گذريا ۽ گذري رهيا آهيون.

حقيقي وقت ۽ حقيقي زندگي ۾، ميري شيلي جو هي ذڪر هيٺ ناول توهان کي اسان جي ملڪي حالتن جو ورجاءُ محسوس ٿيندو ۽ حقيقت هي آهي ته ان جو ورجاءُ اسان جهڙن ملڪن ۾ بار بار ٿيندو رهي ٿو جنهن ۾ ڊاڪٽر فرينڪنسٽائن جي انساني حصن مان پيدا ٿيڻ وارو راڪاس جيڪو هوبهو انسان جهڙو هجي ٿو، بغاوت تي لهي اچي ٿو ۽ پنهنجي خالق کي اڦٽ ڪري ڇڏي ٿو. پر ملين ڊالر سوال هي آهي ته ڇا هتي اهو ممڪن آهي؟