مائنس ون کان مائنس فائيو جي نئين تجويز

0
174
تخت لاھور جي ڪرسي ، عدليه جو امتحان

   ملڪي تاريخ ۾پهريون ڀيرو بي اعتمادي جي ذريعي حڪومتي تبديلي کان پوءِ سياسي ڌرين جي درميان ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ فوج ، عدليه ۽ اليڪشن ڪميشن جي ادارن کي مسلسل تنقيد جو نشانو بڻائي ايترو تڪراري بنايو ويو آھي جنھن جو ماضي ۾مثال نٿو ملي. لڳي ايئن ٿو ته اُھو شروع ٿيل اڻ کٽ سلسلو اڳتي به جاري رھندو جنھن جا نتيجا ڪھڙا نڪري سگھن ٿا ان جو اندازو لڳائڻ ھاڻي گھڻو مشڪل نظر نه پيو اچي. پي ٽي آئي جي سربراهه عمران خان اسٽيبلشمينٽ جو نالو کڻڻ بغير نيوٽرل سڏيندي چيو ته نيوٽرل جانور ٿي سگهي ٿو انسان ڪيئن نيوٽرل ٿي ويندو. سندس اھڙي بيان کان پوءِ ملڪ اندر سندس حامي ۽ مخالفن ۾ ان حوالي سان بحث مباحثو شروع ٿي ويو ھرڪو پنھنجي مقصد جي ڳالهه ڪري رهيو هو. عمران خان جي حامين جو خيال ھو ته عمران خان جو اشارو اسٽيبلشمينٽ ڏانھن نه ھو جڏھن ته سندس مخالفن جو پھرين ڏينھن کان موقف آهي ته عمران خان اقتدار جو صدمو برداشت نه ڪري سگهيو ۽ اسٽيبلشمينٽ کي جانور جو لقب ڏئي ڇڏيو ته جيڪڏهن لاڏلي سان اسٽيبلشمينٽ گڏ ناھي ۽ نيوٽرل جو ڪردار ادا ڪيو آهي ته کين جانور قرار ڏيڻ اداري جي توھين کان گھٽ ناهي.

ان بحث وري ملڪي ميڊيا ۾ پڻ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو ميڊيا به ان حوالي سان ڪونه گھٽايو. ھر ٽي وي چينل تي ويٺل تجزيي نگارن جو شام ٿيندي بحث جو موضوع ھڪ ئي رھندو آيو جنهن ۾ھڪڙا عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ جي هڪ حصي جو لاڏلو قرار ڏئي رهيا آهن ته وري حامي تجزيي نگارن جو خيال هو ته جانور وارو استعمال ڪيل لفظ ڪنھن اداري ڏانھن ناهي. پر اھو بحث ختم ئي نه ٿيو ته پنجاب ۾ عدالتي فيصلي جي نتيجي ۾ حمزه شهباز جي حڪومت جو خاتمو ايندي ئي نواز ليگ ۽ حڪومت جي اتحادين جي توپن جا رخ عدليه ڏانهن شروع ٿي ويا ۽ عدليه کي باقاعده ڌمڪيون ڏنيون ويون. حڪومتي اتحاد ۾ شامل سياسي جماعتن جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال سميت بئنچ ۾ شامل جج نواز ليگ جي خلاف آھن جن مان انصاف جي اميد ناهي ليڪن اھو سلسلو اتي ختم نه ٿيو عمران خان جيڪو پھرين ڏينھن کان اليڪشن ڪميشن جي مٿان عدم اعتماد ڪري رهيو هو، سندس پارٽي جي پرڏيهي فنڊنگ جي ڪيس جو فيصلو اچڻ کانپوءِ ھن وڌيڪ اليڪشن ڪميشن جي خلاف سخت بيان بازي شروع ڪري ڏني،

اھڙي بي يقيني واري صورتحال پيدا ٿي وئي جو 10 محرم الحرام کان پھرين ڊالر روپئي جي مقابلي۾ 250 تائين پھچي ويو. معاشي ماھرن ملڪ جي معاشي حالت تي ڳڻتي ظاهر ڪندي موقف اختيار ڪيو ته حالتون وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگھن ٿيون، سياسي قيادتن ادارن کي تڪراري بڻائڻ سان گڏوگڏ ٻاويهه ڪروڙ عوام کي به پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، اھا صورتحال رھي ته پوءِ ملڪ کي وڌيڪ نقصان پھچي سگھي ٿو. ھوڏانھن وري عمران خان جي چيف آف اسٽاف شھباز گل به ٻرندي تي تيل هارڻ برابر فوج جي حوالي سان ھڪ خانگي ٽي وي چينل تي بيان ڏئي ھڪ طرف پي ٽي آئي جي قيادت لاءِ پريشاني پيدا ڪري ڇڏي ته حڪومت جي اندر روح ڦوڪي ڇڏيو. حڪومت فوري طور تي شھباز گل جي بيان کي ملڪ جي سيڪيورٽي اداري جي خلاف بغاوت قرار ڏيندي مٿس سنگين نوعيت جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪندي کيس گرفتار ڪري ورتو، ليڪن اسلام آباد پوليس جنھن طريقي سان گاڏي جا شيشا ٽوڙي کيس گرفتار ڪيو ان حوالي سان پي ٽي آئي جي قيادت توڙي اڳواڻن کي وقتي طور پريشان ڪري ڇڏيو هو ليڪن پي ٽي آئي جي اڳواڻن سخت بيان بازي کان ان ڪري به پاسو ڪيو جو شھباز گل ملڪي اداري کي ورھائڻ جي سازش ڪئي.

جڏهن ته حڪومت ھن وقت به ان ڪوشش ۾ آھي ته ڪھڙي طريقي سان عمران خان کي ان ساڳي ڪيس ۾ ڦاسائي کيس به گرفتار ڪري غداري ڪيس ۾ملوث ڪجي پر ھن وقت تائين حڪومت ان حوالي سان ثبوت گڏ ڪرڻ سان گڏ عمران خان کي ان ڪري به گرفتار ڪرڻ کان پھرين سئو دفعا سوچڻ تي مجبور ٿي وئي جو کين سخت عوامي موٽ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ته عمران خان کي جيڪا اقتدار مان نڪرڻ کان پوءِ عوامي موٽ ملي آهي ان ردعمل ۾ عوام حڪومت جي خلاف رستن تي نڪري اچي سخت ردعمل اختيار ڪري ڇڏيندو. بدقسمتي سان ملڪ جي اندر غداري جا الزام لڳائڻ ايترو آسان ٿي ويو آهي جو حڪمران جڏهن چاھن پنھنجي مخالفن کي غدار قرار ڏئي ڇڏين بعد ۾ ان جا نتيجا چاھي ڪھڙا به نڪرن. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ جاويد هاشمي کي ھڪ خط پڙھڻ جي الزام ۾ اسلام آباد پوليس گرفتار ڪري مٿس غداري جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو هو ۽ کيس پنج سالن تائين اڊيالا جيل پنڊي ۾ قيد ڪيو ويو بعد ۾ وزيراعظم جي عھدي تان ھٽڻ کان پوءِ مير ظفرالله جمالي اعتراف ڪيو ته سندس حڪومتي دور ۾ جاويد هاشمي جي گرفتاري ۽ مٿس غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ صحيح فيصلو نه ھو. حالانڪه  سڀني کي ڄاڻ آھي ته ظفرالله جمالي وزيراعظم ھوندي ان وقت ڪيترو بااختيار ھو ڇو ته تمام فيصلا جنرل پرويز مشرف جي مرضي سان ٿيندا هئا.

بھرحال ھن وقت مائنس ون ، ٿري ۽ فائيو جي حوالي سان  دارالحڪومت اسلام آباد ۾ ھڪ نئون بحث ٿي رهيو آهي ته عمران خان کي اقتدار مان ڪڍڻ کان پوءِ ان ڳالهه جا وڌيڪ امڪان ھئا ته شھباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت کي مدت پوري ڪرڻ سان گڏ ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍيو ويندو ليڪن جن قوتن اھو فارمولو اختيار ڪيو اھو جڏهن ناڪام ٿي ويو ۽ عمران خان جي بيانيي عوام ۾ وڌيڪ مقبوليت ماڻي ورتي ۽ ڏينھون ڏينهن ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو نظر اچي رهيو آهي ته  ملڪ جي طاقتور قوتن مائنس ون کان مائنس فائيو جي درميان نئين فارمولي تي غور ويچار شروع ڪري ڏنو آهي. چيو پيو وڃي ته اھڙو طريقو اختيار ڪجي جنھن سان ڌريون به راضي ٿين ۽ ملڪ جيڪو ھن وقت سياسي،معاشي آئيني بحران جي ڪري سخت مشڪلات جو شڪار آھي ان کي به حل ڪري ڇڏجي. ان حوالي سان 1993ع ۾ ان وقت جي صدر غلام اسحاق خان ۽ وزيراعظم نواز شريف جي درميان ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ جنرل وحيد ڪاڪڙ فارمولو اختيار ڪندي غلام اسحاق خان ۽ نواز شريف کان استعيفا وٺي ملڪ ۾ نئين سر چونڊون ڪرايون ويون.

جڏهن ته ھن وقت عمران خان نئين سر چونڊن جو مطالبو ڪري رھيو آھي پر شھباز حڪومت ۾شامل اتحادي ھر صورت ۾ حڪومت جي مدت پوري ڪرڻ سان گڏ عمران خان کي چونڊ عمل کان پري رکڻ جي ڳالهه تي بضد آھن. ان سڄي صورتحال ۾مائنس ون يعني عمران خان کي سڄي عمل کان پري رکڻ ممڪن نه اچڻ کانپوءِ وري مائنس ٿري يعني آصف زرداري، شھباز شريف، مولانا فضل الرحمان يا وري ملڪ جي ھڪ طاقتور قوت سميت عمران خان، آصف زرداري، شھباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان کي چونڊ عمل کان ٻاهر رکي چونڊون ڪرايون وڃن ڇو ته نواز شريف پھرين نااھل ٿيل آهي، الطاف حسين جي سياست تي پابندي پيل آھي. ھاڻي ھتي اھو سوال پيدا ٿئي ٿو ته مائنس ون، ٿري ۽ فائيو تي عمل ڪرائڻ سان گڏ انھن سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڪيئن راضي ڪيو ويندو. اڳواڻ توڙي ڪارڪن پنهنجي قيادتن کي مائنس ڪرڻ جو فارمولو قبول ڪندا؟ جنھن جو پهريون جواب نه ۾ٿو  اچي، ڇو ته سياسي قيادت به ان فارمولي سان اتفاق نه ڪندي. چوڻ وارن جو خيال آهي ته ملڪ جي سگھارين قوتن کي پنهنجي مائنس فارمولي تي عمل ڪرائڻ اچي ٿو جڏهن انھن قوتن اھڙو فيصلو ڪري ورتو ته پوءِ کين عمل ڪرائڻ به اچي ٿو، جنهن جو ھڪ مثال الطاف حسين سامھون آھي ٻيو نواز شريف جنھن کي پارلياماني سياست مان نااهل ڪرايو ويو. ھن وقت به آصف زرداري توڙي شھباز شريف تي ڪرپشن جا ڪيس نيب عدالتن ۾زير سماعت آھن جيڪي نيب ترميم جي باوجود ختم ناهن ٿيا جڏهن ته مولانا فضل الرحمان تي پڻ نيب فائيلن ۾ ڪيس پنھنجي جاءِ تي موجود آهن. ھاڻي ڏسڻو اهو آهي ته مائنس فارمولي تي عمل ڪندي شروعات ڪڏھن کان ۽ ڪيئن ڪئي ويندي ليڪن ملڪي تاريخ ھڪ دفعو ٻيھر ضرور مائينس فارمولي کي استعمال ڪندي جنھن ۾ آخر ۾ اھو قرار ڏنو ويندو ته وسيع تر ملڪي مفاد ۾ ايئن ڪرڻو پئجي ويو، ان جي بغير ملڪ جو مسئلو حل ٿيندي نظر نه پئي آيو.