محرابپور (ن پ ا) محرابپور جي اسپورٽس ڪامپليڪس تي محرابپور، پيروسڻ ۽ ڪورڪي حاجاڻا جي ٽيمن وچ ۾ 6 اورن واري ناڪ آئوٽ ٽرينگيولر ٽورنامينٽ ٿي گذري، ٽاس ذريعي المهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب محرابپور فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو، الحيدر مقرر اوورن ۾ 108 رنز ٺاهيون، عامر اليون 57 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. فائنل ۾ الحيدري ڪرڪيٽ ڪلب مقرر 6 اوورن ۾ 96 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو، المهراڻ ڪلب محرابپور 6 اورن ۾ 70 رنز تائين محدود رهي.