لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي مينجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي چيو آهي ته پي ايس ايل جون مفت پاسز گهري شرمسار نه ڪريو. پاڪستان سپر ليگ سيزن 8 جي شروعات کان اڳ پي سي بي مينجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي ايڪشن ۾ اچي ويو. سماجي ويب سائٽ تي نجم سيٺي مفت پاسز گهرندڙن کي ذاتي طور تي درخواست ڪئي آهي ته ايندڙ مهيني کان شيڊول پي ايس ايل ميچز جي فري ٽڪيٽس يا پاسز جي ڊيمانڊ نه ڪن. واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي طرفان پي سي بي جي آڊٽ ۾ وارننگ ڏني آهي ته مفت پاسز جي روايت کي ختم ڪرڻو پوندو. ان سلسلي ۾ پي ايس ايل جون مفت پاسز ڏيڻ کان اڳواٽ معذرت ڪئي وئي آهي. پي سي بي چيئرمين چيو آهي ته پي ايس ايل جون مفت پاسز گهري شرمسار نه ڪيو وڃي.