لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ جي نگرانيءَ هيٺ پنجين سنڌ ڪاليج گيمز جي پنجين ڏينهن شهر جي کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ باسڪيٽ بال جا مقابلا ٿيا جنهن ۾ پهرين سيمي فائنل ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نئون ديرو جي ٽيم کي ۽ ٻي سيمي فائنل ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مديجي جي ٽيم جا رانديگر نه اچڻ تي واڪ اوور ٿيو جنهن ۾ گورنمينٽ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم کي فاتح قرار ڏنو ويو. اهڙي طرح لاڙڪاڻو جي ٽيم فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. باسڪيٽ بال جي فائنل مئچ ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم گورنمينٽ آرٽس اينڊ ڪامرس لاڙڪاڻو جي ٽيم کي 14.6 تان شڪست ڏئي ريجنل چئمپين باسڪيٽ بال جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.