متان نه مڃين پنھنجي ڳوٺن جي وارثي ايئن ڪبي آهي

0
239

پنھنجي ڳوٺن جي وارثي ايئن ڪبي آھي. سنڌ ويزن جي ھڪ لائيف ميمبر فيصل راڄڙ پنھنجي ڳوٺ قيصر خان راڄڙ/ ميرپورخاص کي ھڪ ماڊل وليج بڻائي ڇڏيو آھي. اچو ته ڳوٺ ۾ موجود سھولتن ۽ خوشحالي جو ننڍو جائزو وٺون. . ڳوٺ جا رستا پڪا آھن، صفائي سٺائي جو تمام گھڻو خيال رکيو ويو آھي، پڪين سرن سان زمين ۾ ڪچري اڇلڻ لاءِ ڊسٽبن مختلف جاين تي موجود آھن. فيصل پنھنجي ڳوٺ ۾ ھارپو مڪمل طور تي ختم ڪرائي ڇڏيو آھي، ھنن مزدوري نظام لاڳو ڪرڻ سان گڏ نيئن انداز سان زمينون ھارين جي حوالي ڪري ڇڏيون آھن. مثال طور ھاري زمين مقاطي ۾ کڻڻ وقت پئسا ايڊوانس ڏيڻ بجاءِ ھر ڇھين منھيني فصل لھڻ کان پوءِ زمين جو مقاطو ڏيندو آھي، ھنن ھارين تي موجود سمورا قرض بلڪل معاف ڪري اھيو نظام لاڳو ڪيو، ان کان سواءِ ھارين کي قسطن تي گڏيل طور گاڏيون وٺي ڏنيون اٿن، جيئن اھي پنھنجو فصل گڏائي ڪري پاڻ مارڪيٽ ۾ وڃي وڏو منافو ڪمائي سگھن، جوابن شرط صرف ھڪ آھي ته ھاري پنھنجا سڀني جا ٻار اسڪول ۾ ھر صورت ۾ پڙھائيندا. ھن ڳوٺ ۾سرڪاري اسڪول جي مڪمل مالڪي آھي، جتي ٻارن جو وڏو انگ نظر آيو ان کان سواءِ ھنن ٽي سي ايس فائونڊيشن کي زمين خيرات ڪئي، جن بلڊنگ جوڙائي پڙھائي شروع ڪئي، ڳوٺ ۾ ھر ڪنھن کي سياسي طور آزادي آھي، جنھن کي وڻين ووٽ ڏين پر پوسٽر بازي ۽ ھروڀرو اليڪشنن دوران جھنڊي بازي ڪرڻ سان ڳوٺ جي سونھن کي تباھه ڪرڻ تي پابندي آھي. ڳوٺ ۾ وڻڪاري جو تمام گھڻو خيال رکيو ويو آھي، ڳوٺ ۾ مٺي پاڻي جي نظام سان گڏ پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ سولر آر او پلانٽ لڳايو اٿن، ۽ پائپ لائين ذريعي ڳوٺاڻن جي گھرن تائين صاف پاڻي رسايو اٿن. ڳوٺ ۾ پکي مارڻ تي مڪمل پابندي آھي. مذھبي رواداري تحت ھر ڪنھن کي اجازت آھي ته پنھنجيون ريتون رسمون مذھبي سرگرميون آزادي سان ڪن، نياڻين کي سگھه بخشڻ لاءِ قدم کنيا ويا آھن، ھنن کي جديد ماڊرن سلائي ڪرڻ سکاري ڇڏيو اٿن، ھنن کي پڙھائڻ لاءِ پوريون ڪوششون آھن. فيصل راڄڙ چارسال اڳ پنھنجي ڳوٺ موٽيو، سندس محنت جي ڪري سندس ڳوٺ جنت جو ڏيک ڏيئي پيو، فيصل جو اڳيون قدم ٻارن جو راندين جو گرائونڊ، نوجوانن لاءِ لائبريري، ھارين جي ڪکائين گھرن کي پڪو ڪرائڻ ۽ گوٺ واسين لاءِ ٻيو گھڻو ڪجھه ڪرڻ آھي. ڳوٺ ۾ ھڪ ڊسپينسري به آھي، جتي صرف 20 رپيا وٺي علاج ڪيو وڃي ٿو.
(ڊاڪٽر محبوب شيخ جي فيس بوڪ پوسٽ)