سوال/سروي سنڌ جي عوام تي پئسو خرچ نٿو ٿئي، پ پ يا پي ٽي آءِ پاڻ وري ڪهڙو رليف ڏنو آهي: عوام

0
519

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پيپلز پارٽي آخري ڀيرو چونڊون کٽي اقتدار ۾ آئي آهي، ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان پاڻ ليڊ ڪندو ۽ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ٺاهيندي، سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي تي آمريت آهي، سنڌ کي جيڪو به پئسو ڏيون ٿا، اُهو دبئي، ڪئنيڊا يا لنڊن مان هٿ اچي ٿو، سنڌ حڪومت عوام تي پئسو خرچ نٿي ڪري، ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته فواد چوڌري درست چوي پيو ته سنڌ جي عوام تي پيسو خرچ نه ٿو ڪيو وڃي، پر پي ٽي آءِ وري ڪھڙا عوام دوست ڪم ڪيا آهن؟ پي ٽي آءِ حڪومت۾ ملڪ ۾ شديد مھانگائي آهي، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار عوام کي رليف ناهي ڏنو، ڪجهه ماڻهن چيو ته پ پ ختم نه ٿيندي، ڪجهه ماڻهن چيو ته پ پ ختم ٿي ويندي، ڪجهه ماڻهن وري پي ٽي آءِ وفاق ۾ ختم ٿيڻ جي راءِ ڏني. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته فواد چوڌري ۾ ڪا به سياسي بسيرت ۽ سنجيدگي ڪو نه هوندي آھي. باقي پ پ جي حڪومت ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن. عمران سرڪار به رشوتخوري جي بازار لڳائي ويٺي آھي، نيڪ محمد لکيو ته 2008 ۾ پنجاب ۾ گورنمينٽ پ پ جي، 2013 ۾ ن ليگ 2018۾ عمران خان جي، پر اسان وٽ هر ڀيري ساڳيو ڪم آهي، سڪندر مهر لکيو ته سنڌ مان پيپلزپارٽي ڪڏهن به ختم ڪانه ٿيندي، نياز سومرو لکيو ته فواد چوڌري جي ڳالهه ايتري تائين ته صحيح آهي جو سنڌ جي عوام تي پيسو خرچ نه ٿو ڪيو وڃي، پر پي ٽي آءِ وري ڪھڙا عوام دوست ڪم ڪيا آهن؟ پي ٽي آءِ حڪومت۾ ملڪ ۾ شديد مھانگائي آهي، عرض محمد پيرزادو لکيو ته اهڙن نالائق حڪمرانن کي ووٽ ڪڏهن به ڪون ملندو سنڌ مان، طارق باجڪاڻي لکيو ته اليڪشن نظام ۾ تبديلي نه ٿيندي تيسيتائين سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ھوندي، ساگر ديو مل لکيو ته سنڌ مان کٽيندي وري به پ پ، جاني شاهه لڪياري لکيو ته ھر سال سنڌ ۾ پ پ سرڪار کربن جي بجيٽ پيش ڪري ٿي اھا ڪٿي استعمال ٿي رھي آھي؟ عبدالله جروار لکيو ته عمران خان ۽ فواد چوڌري کي طاقت ناهي پر پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪنهن ترقياتي عوامي ڀلائي ۽ مفادن بجاءِ ذاتي مفادن کي اوليت ڏني آهي، آسودمل لوهاڻا لکيو ته سنڌ مان کٽي يوسي جي سيٽ ڪونه ٿا سگهن ۽ ڏينهن ڏٺي جو خواب پيو ڏسي، جاويد احمد پڻ سروي ۾ حصو ورتو، علي محمد لغاري لکيو ته پ پ اڳواڻ ذاتي مفادن لاءِ ڦرلٽ ڪن ٿا، شاهد ڏاهري لکيو ته هنن پاڻ وري سنڌ کي ڇا ڏنو آهي؟، يوسف لغاري لکيو ته ھڪ ڳالھ ته واضع آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ ۾ ڪو به ڪم ناھي ڪيو ، سڪندر علي لکيو ته فواد چودري جو بيان بلڪل درست آهي، ديدار علي سومرو لکيو ته پ پ وارا ته 2018ع ۾ به کٽي نه پئي سگهيا، غلام علي گل ٻجورو لکيو ته فواد چوڌري جي اها ڳالھه درست آھي ته سنڌ حڪومت صوبي تي خرچ نٿي ڪري، شاهد رضا نوناري لکيو ته پ پ کي لهر نه لوڏو آهي، شاهد شر لکيو ته وفاقي حڪومت مهانگائي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، عاشق حسين لکيو ته پي ٽي آء کي خيرات ۾ حڪومت ملي، رياض احمد لکيو ته سنڌ جو عوام هنن کي سڃاڻي ٿو، غلام سرور لکيو ته فواد درست پيو چوي، شبير کوکر لکيو ته پهريان وفاق کي سنڀالين، نماڻو نوناري لکيو ته سنڌ جو عوام تبديلي نه آڻيندو، بشير ميراڻي لکيو ته پي ٽي آءِکي به سليڪٽرز سليڪٽڊ ڪيو هو، علي مردان ابوپوٽو لکيو ته پي ٽي آءِ پاڻ وري ڇا ڪيو آهي؟ رزاق نهڙي لکيو ته ھڪ ڏينهن ته پيپلز پارٽي ختم ٿيڻي آھي، شمس الدين جروار فواد جي حمايت ڪئي، مسرور کهاوڙ لکيو ته پ پ مان جان ڇٽندي، سليم اختر لکيو ته پيپلز پارٽي ڊليور ڪري ناھي سگهي، غلام مصطفيٰ حسيني لکيو ته پي ٽي آءِ به وفاق مان ختم ٿي ويندي، ذوالقرنين لنڊ لکيو ته سچي ڳالهه ڪئي آهي، عبدالغفار جمالي لکيو ته سچ ٿو چوي، داس سوٽھڙبه راءِ جو اظهار ڪيو، حبدار شاهه، بلاول کهاوڙ، اظهر بلوچ، اعجاز علي، شمس الدين جروار، منشاني راجا، جمي بلوچ، حاڪم ڪٽوهر به سروي ۾ حصو ورتو، سجاد علي ساگر لکيو ته پاڻ وري ڪهڙا ڀلا آهن، جبار لغاري لکيو ته هي به منظور وساڻ وارا خواب پيو ڏسي، سڪندر بلوچ لکيو ته وفاق عوام کي ٽن سالن ۾ عوام کي ڪھڙو رليف ڏنو آھي، قادر بخش زئور لکيو ته فواد 6 سالن کان جيڪا صورتحال آھي صوبا ورھايل آھن ايندڙ اليڪشنن ۾ به ايئن ئي ٿيندو، جمشيد کوسو لکيو ته پيپلز پارٽي ڊليور ڪري ناھي سگهي، جانب ڪٽوهر لکيو ته وفاقي سرڪار جي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي عوام کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آھي، غفار لغاري لکيو ته پئسو عوام جي ڀلائي وارن ڪمن ۾ خرچ ٿئي ٿو، ظفر سيد لکيو ته ھي پاڻ ڪي پي ۾ 8 سال کان آھن پر ايترو روزگار نه ڏئي سگھيا آھن، شعيب لغاري لکيو ته بلڪل اڃان ٻه سال آهن اليڪشن ۾، همٿ علي چانڊيو لکيو ته سياسي پارٽيون هميشه پنهنجي ئي ڊاڙ ھڻنديون آھن، مجاهد علي مهراڻپوٽو لکيو ته عمران خان ٿوري توجهه ڏي ته سنڌ مان پي ٽي آئي جي حڪومت ٿي سگهي ٿي، علي مراد لاشاري لکيو ته پ پ کي هارائڻ وڏو مشڪل آهي، محمد حسين هنڱورجو، زاهد دشتي،عمران علي ملڪ، جميل مڱريو، اسد بلوشي، عبدالغفار شيخ، غلام رسول شر، ايس ڪي پهوڙ، نعيم شر، محمد نواز کوسو، شاهجهان سومرو، محمد سمن جاگيراڻي، ٿنور داس، رنڇوڙ سنگهه، مهراڻ علي راهمون، راجا حيدر ٿيٻو، بابر ستار هاليپوٽو، عامر گوپانگ، قربان لغاري، اعجاز جان بجير، محمد نواز، غلام حسين ڀٽي، ممتاز علي، عبدالهادي، اسلم سومرو ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.