مظلوم قيديءَ جو آوزا ۽ آخري شنوائي!
(حصو چوٿون)
محبت مغيريءَ کي موت جي سزا سان گڏ اي 23 تي 11 سال جي سزا ڪورٽ ٻڌائي ٿي ۽ ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ 6 مهينا سزا ڪاٽيندو ۽ محمد ايوب بروهي توهان تي ڪيس جي ثابتي تي ڪورٽ سڳوري اوهان کي ٽن ڪيسن ۾ 37 سال جي سزا ۽ پنج لک رپيا ڏنڊ ٻڌائي ٿي، اهو چئي جج صاحب قلم پڃي اندر چيمبر ۾ هليو ويو ۽ اسان کي ڪورٽ جي لاڪ اپ تي پوليس نفريءَ سان روانو ڪيو ويو. سزا ٻڌي اسين لاڪ اپ تي پهتاسين ته مائٽن اسان کي هر طرف کان گھيري ورتو ۽ ڇا ٿيو، ڇا ٿيو؟ پڇڻ لڳا. اسان انهن کي آهستي آهستي، هوريان هوريان تسلي ڏيندي ٻڌايو ته ڪورٽ سڳوري اسان کي سزا ٻڌائي آهي، توهان پريشان نه ٿيو، رب سائين مالڪ آهي ۽ اهو ئي خير ڪندو ۽ انهيءَ جي حڪم سان ضرور آزاد ٿي پنهنجي گھر اينداسين. سزا واري ڳالهه ٻڌي مائٽ صفا سست ٿي ويا ۽ سزا واري ڳالهه منهنجي امڙ جي ڪن تائين الائي ڪيئن پهتي جيڪا پيرين اگھاڙي اچي اسان وٽ لاڪ اپ تي پهتي ۽ مون کي ڀاڪر ۾ ڀري روئڻ لڳو ۽ روئيندي روئيندي بيهوش ٿي وئي، جنهن کي فوري منهنجا دوست اسپتال کڻائي ويا، ان دوران مون وٽ ٻيا به کوڙ دوست لاڪ اپ تي آيل هئا، جن کي اڳ مون فون ڪري ٻڌايو هو ته اڄ منهنجي ڪورٽ ۾ فيصلي جي آخري شنوائي آهي. سزا جو ٻڌي دوست مون کي دلاسا ڏيڻ لڳا پر جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو، ڪجھه بچيو به نه هو جنهن جو آئون افسوس ڪريان ها. جيترو وقت اسين لاڪ اپ تي هئاسين، اوتروئي اسين پنهنجي مائيٽن کي پريشان ٿيندي ڏسي نه پي سگھياسين، ڪورٽ جي طرفان کان کوڙ سارا ميڊيا وارا به آيا هئا جن ۾ هڪ ميڊيا وارو منهنجو دوست فهد جانوريءَ پنهنجي طرفان هڪ موڪليو ۽ گڏ سلام به موڪليا هئائين. جن اسان جون ڪجھه تصويرون ورتيون.(جاري)
سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد
احساس ڪفالت هڪ شفاف پروگرام آهي!
احساس ڪفالت پروگرام کي عمران حڪومت اچڻ کان پوءِ شفاف ڪيو ويو، احساس ڪفالت پروگرام جو نالو اڳ بينظير انڪم سپورٽ هو ۽ بعد ۾ عمران حڪومت هڪ غير سياسي نالو “احساس ڪفالت” رکيو، جيڪو ڪنهن به سياسي اڳواڻ جو نالو ناهي نه وري هو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هڪ سياسي اڳواڻ جي نالي سان هو پر ان سياسي اڳواڻ جي موجودگي ۾ ته بهتر نموني سان هلايو پي ويو پر ان جي شهادت کان پوءِ ڪيترن ملازمن جو گهر واريون پئسا کڻندڙ نڪتيون، ان مان ظاهر آهي ته عمران حڪومت کان پهرين احساس ڪفالت پروگرام ۾ ڪاغذي انٽري ٿيندي هئي ۽ هي پروگرام هڪ سياسي پارٽي پنهنجي ملڪيت سمجهي استعمال ڪري رهي هئي پر هي پروگرام ڪنهن سياسي پارٽي جي ملڪيت نه هو ۽ نه ئي وري آهي، ڇاڪاڻ ته هن پروگرام جي فنڊنگ وفاقي حڪومت ڪري ٿي. چاهي اها پارٽي ڪهڙي به هجي ۽ اها پارٽي ان پروگرام جو نالو تبديل نٿي ڪري سگهي، ايئن سمجهو ته هن پروگرام جي شروعات ۽ ان پروگرام کي شفاف عمران خان سرڪار اچڻ کان پوءِ ڪيو ويو آهي، عمران خان سرڪار غريبن جي تحقيق هڪ سماجي و معاشي رجسٽري ذريعي هڪ اداري کان ڪمپيوٽرائيزڊ طريقي سان ڪرائي ۽ ان سروي ذريعي غريبن جي حيثيت ان ٽبليٽ ۾ داخل ڪئي وئي جن مان ڪا ڊيٽا چورائي يا مٽاسٽا نٿي ڪري سگهجي ۽ ان ۾ سنڌي عورتن کي وڏي اڪثريت ڏني وئي، جي وفاقي حڪومت چاهي ها ته هو پنهنجي پختونخواه ۽ پنجابي عورتن کي به اڪثريت ڏئي پي سگهي پر ان گذريل حڪومتن جيان نه ڪيو ۽ هن پروگرام کي ميرٽ تحت هڪ تاريخي پروگرام ڪري ڏيکاريو، جنهن جي ساراهه پوري دنيا جي ملڪن ۾ ٿي آهي ۽ هي پروگرام هن وقت دنيا جو چوٿون نمبر شفاف پروگرام آهي ۽ سمورو ڪريڊٽ عمران خان جي حڪومت طرف وڃي ٿو.
محرم علي شر/هنڱورنو
سنڌ جا نوجوان باصلاحيت آھن!
سنڌ ۾ ڪيترائي نوجوان باصلاحيت آھن پر افسوس جو انھن نوجوانن کي ڪنهن به فيلڊ ۾ موقعو تمام گھٽ ڏنو ويندو آھي، سنڌ جي نوجوانن ۾ ھر طرح جي قابليت ۽ هر صلاحيت آھي، انھن ۾ ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ڪيترائي نوجوان بھترين کيڏي سگھن ٿا، ھاڪي ٽينس ۽ ھر راند سان واڳيل ۽ باصلاحيت نوجوان سنڌ ۾ موجود آھن پر افسوس جو نوجوانن کي اڳيان اچڻ جو موقعو فراھم نٿو ڪيو وڃي. تازو پي ايس ايل ۾ ملتان سلطانز جي ٽيم سنڌ جي نوجوان باصلاحيت لاڙڪاڻو ايڪسپريس جو پليئر شاھنواز ڏاھاڻي کي موقعو ڏنو ويو آھي، جنھن اڄ پي ايس ايل ۾ 20 وڪيٽون وٺي رڪارڊ ٺاهي ورتو آھي. ان کان اڳ شاھين آفريدي جو رڪارڊ ھو، ان جي رڪارڊ کي ٽوڙي نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو اٿس، شاھنواز جھڙا الائي ڪيترا باصلاحيت نوجوان سنڌ ۾ آھن، انھن کي موقعو ڏنو وڃي ته هو ھر محاذ تي پنھنجو نالو ڪڍندا، ڍوري ناري شھر سان تعلق رکندڙ اسان جو دوست راجا ساند، سنڌ سلامت ڪتاب گھر جھڙيون ايپليڪيشنز ٺاھي پنھنجو ڌرتي جو نالو روشن ڪيو آهي، جنھن لطيف سائين جي رسالي تي ڪم ڪري لطيف ايوارڊ پنھنجي نالي ڪيو، تازو Universal MCQs جھڙي ويب سائيٽ ٺاھي اٿس، جنھن ۾ ڪيترائي سبجيڪٽ آھن جيڪي توھان آن لائين پڙھي ۽ پنھنجي ٻارن جي علم ۾ اضافو ڪري سگھو ٿا. ان ويب سائيٽ تان ھر مھيني آن لائين ٽيسٽ پڻ ورتي ويندي آھي، ھن ۾ مقابلو ٿيندو آھي، جنھن ۾ مون سميت ڪيترائي شاگرد حصو وٺندا آھن، جنھن سان ھر يونيورسٽي ۽ ھر ٽيسٽ لاءِ تياري چڱي ٿي ويندي آھي. سنڌ جا نوجوان ھر ھنر ڄاڻن ٿا، ھو هر لحاظ کان باصلاحيت آھن، انھن کي موقعو ڏنو وڃي جيئن ھو پنھنجي صلاحيتون صحيح جاءِ تي استعمال ڪن.
سجاد يوسف پنھور/کورواھ
پبلڪ لائبريريءَ کان محروم چوهڙ جمالي!
اسان جو اباڻون شهر چوهڙ جمالي قديم شهر آهي ۽ اسان جي آسپاس جي شهرن کان ترقي يافتا شهر آهي، جنهن ۾ امير، غريب، هر قوم جو فرد به پنهنجو وقت سٺي طريقي سان گذاري رهيو آهي، هتي ڪاروباري لاڙو بهتر آهي پر تعليمي لاڙو تمام گهٽ هو ۽ هاڻ ڪيترائي نوجوان مختلف تعليمي ادارن سان واڳيل آهن، اڄوڪي هن مقابلي واري دور ۾ چوهڙ جمالي به تعليمي رجحان ۾ ڪاميابي ماڻي رهيو آهي ۽ اسان جو شهر چوهڙ جمالي ڪو اهڙو هنر، ادب ۽ عقلمند نوجوانن کان محروم آهي. هن شهر ۾ اڳواڻ، استاد، اديب، دانشور، نوجوانن کي سٺي طرح سکيا ڏئي رهيا آهن ۽ نوجوانن ۾ جوش جذبو ۽ ڪجھ ڪري ڏيکارڻ جي اصلاح پڻ ڏيندا آهن پر هن شهر جي نوجوانن کي جيڪڏهن وقت سان گڏوگڏ تعليمي سهولتون ڏنيون وڃن ته اهو تمام سٺو ثابت، آئون سمجهان ٿو ته ترقي ڏاڍي ڏکي ٿيندي ۽ اها خبر تڏهن پئي جڏهن سنڌ جي دلربا شهر حيدرآباد ۾ جيڪي لائبريريز ٺهيل آهن انهن ۾ ڪيترا ئي اهڙا نوجوان جيڪي گهرن ۾ يا ڪنهن مخصوص جاين تي پنهنجي پڙهائي جاري نه پيا رکي سگهن اهي لائبريري اچي پڙهائي ڪندا آهن ۽ آخرڪار ڪنهن وڏي عهدي تي رسي پنهنجون خدمون انجام ڏيندا آهن، بلڪل ايئن چوهڙ جمالي ۾ به هڪ پبلڪ لائبريري ٺهرائي ڏني وڃي ته اسان جهڙا نوجوان پنهنجي ئي شهر ۾ پڙهائي جاري رکن ۽ ڪنهن عهدي تي رسن ته جيئن اسان جي شهر جو نالو ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿي وڃي. ان لاءِ منهنجي نوجوانن کي پرزور اپيل آهي ته ان تي غور ڪن ۽ جيڪڏهن تعليم پرائڻ سان اسان کي ۽ هن سماج کي نقصان پهچي سگهي ٿو ته پوءِ غلام ئي چڱا آهيون، جيڪڏهن ان سان اسان کي کوڙ فائدا پهچي سگهن ٿا ته پوءِ اهڙيون لائبريريز قائم ڪيون وڃن ته جيئن اسان هڪ سٺي ۽ شعور واري زندگي گذاري سگهون.
يوسف غفور/ چوهڙجمالي
ڳوٺ محمد حسن کيئنرو کي بنيادي سهولتون ڏيو!
ڳوٺ محمد حسن کيئنرو ديهه مالهيا يوسي گل محمد ٻارڻ تعلقي جاتي ۽ ضلعي سجاول ۾ واقع آهي، ڳوٺ محمد حسن کيئنرو سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهي، هن ڳوٺ ۾ 150 ٻار آهن، جيڪي اسڪول نه هجڻ ڪري مال چارڻ تي مجبور آهن. هن ڳوٺ ۾ پڪي رستي جي سهولت نه هجڻ ڪري برسات وقت ڳوٺاڻن جو شهرن سان رابطو ڪٽجي وڃي ٿو، هتي سم نالي جي به سهولت ناهي، جنهن سبب ڳوٺاڻن جا فصل سڙي تباهه ٿي رهيا آهن ۽ ڪافي ڳوٺاڻن جا ڪچا گهر هئڻ ڪري برسات وقت گهر ڊهي وڃن ٿا. هن ڳوٺ ۾ بجليءَ جهڙي سهولت به موجود ناهي. جنهن ڪري ڳوٺاڻا اڃا تائين اونداهي واري دور ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هتي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت به موجود ناهي نه ئي حڪومت پاران صحت جو ڪو مرڪز کوليو ويو آهي. هتان جي ڳوٺاڻن ڊي سي سجاول ۽ هتان جي چونڊيل نمائندن کي لکت ۾ به ڏنو آهي ۽ بار بار چيو به آهي پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو. اسان سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته ڳوٺ محمد حسن کيئنرو کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري ڳوٺاڻن کي پريشانين کان بچايو وڃي.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول
غريب آباد ڪالوني سيوھڻ ۾ پاڻي ناھي ڇو ڀلا؟
پاڻي انسان، پکي، وڻن ۽ ٻوٽن لاءِ بنيادي ضرورت آھي، جنهن کان سواءِ دنيا ۾ ساهه کڻندڙن جو جيئڻ محال آھي. غريب آباد سيوھڻ ۾ گذريل 12 مھينن کان پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آھي، جنهن ڪري غريب آباد واسين جي زندگي ڏکي ٿي وئي آھي، سيوھڻ جي ڪروڙي رپين ۾ بجيٽ ايندي آھي پر افسوس جو غريب آباد ۾ پيئڻ جو پاڻي به صحيح نموني مھيا نٿو ڪيو وڃي. ھزاري غريب جيڪي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۾ پيسجي رھيا آھن. پاڻي پئسن تي گھرائڻ تي مجبور آهن. سيوھڻ جي ٻين ڪالونين ۾ پاڻي ضرورت کان به گھڻو ڏنو ٿو وڃي پر غريب آباد ۾ غريبن ۽ اٻوجھ ماڻھن کي بلڪل به نظرانداز ڪيو ٿو وڃي. سيوھڻ جي بجيٽ جو گھڻو حصو ڪجھ سيوھڻ جي سياسي ماڻھن جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ وڃي ٿو، اھوئي سبب آھي جو بجيٽ مان پاڻي به صحيح معنيٰ ۾ نٿو پھچايو وڃي. سيوھڻ جو سنڌ اسيمبلي ۾ نمائيندو مراد علي شاھ آھي پر سائين جن اڪثر سيوھڻ اچڻ کان پوءِ ڪنهن سياسي ماڻھوءَ جي اوطاق ۾ ويھي روانا ٿي ويندا آھن. سياسي ماڻھو رڳو پنهنجن ڪمن لاءِ سائين جن جي پٺيان هلندا وتندا آهن، باقي عوام وڃي پنهنجي مسئلن سان پاڻ ڄاڻي. آئون اڪثر پنهنجي اخبار ذريعي غريب آباد لڳ سيوھڻ ريلوي اسٽيشن جي پاڻي واري مسئلي کي اٿاريو آھي پر افسوس ته ڪو عملدار ڪن ڏيڻ لاءِ تيار ناھي. خدارا جنهن پاڪ رب جي ذات توهان کي خلقيو آھي. ان ذات جي صدقي اسان غريب آباد سيوھڻ جي رھواسين کي پاڻي ڏنو وڃي.
امتياز عيسيٰ ھاليپوٽو/سيوھڻ
سنڌ کي سرسبز بڻايو!
ڪجهه ماھرن چيو آهي ته نم جو وڻ 55 سيڪڙو گرمي ۽ 10 سيڪڙو سيءُ برداشت ڪرڻ جي سگھ رکي ٿو. ھڪ 12 فٽ جو وڻ 3 ايئرڪنڊيشن جي برابر ٿڌ پيدا ڪندو آھي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پاڻ وارا ھمراھ وري وڻ پوکڻ بدران لڳل ۽ جيئرا وڻ ڪٽڻ ۾ پورا آھن، ان ڪري گرميءَ ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي، ان گرمي جي واڌ جا ذميوار اسان خود آهيون، وري به وقت ناهي ويو ھاڻي به وقت آهي ته 50 يا 100 رپيا خرچ ڪري پنهنجي گھٽي ۾ ٻه يا ٽي وڻ لڳائي سگهجن ٿا ھر ماڻهو ان تي عمل ڪري ته گرمي ۾ گھٽائي ٿي سگهي ٿي، خدا کي مڃو وڻ ڪٽڻ بدران وڌ کان وڌ لڳايو.
ثقلين حيدر/ رتوديرو
هڪ چٺي سنڌ حڪومت جي اعليٰ آفيسرن ڏانھن!
جيئن ته ڪلوئي مٺي وايا نئون ڪوٽ ڏيپلو ويندڙ روڊ 2011ع جي مهاٻوڏ ۾ ٽٽي تباھ ٿي ويا هئا، جن جي هن وقت ڪنھن به چونڊيل نمائندن سار نه لڌي آهي، اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت واري دور ۾ ٿرپارڪر جا مين توڙي لنڪ روڊ تعمير ٿيا هئا، تنهن کان پوءِ ٻوڏ واري سال ٿرپارڪر جا روڊ ٽٽي تباھ ويا هئا، تڪ جا چونڊيل نمائندا هن وقت خاموشي جو روزو رکي ستل آهن، روڊن تي حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. ڳوٺ ڇڇيءَ مورا جو روڊ جيڪو ڪلوئي ڏانهن نڪري ٿو، ان روڊ تي مسافر به گذريل ڪيترن ئي سالن کان اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي، 5 سالن کان ٿرپارڪر جي روڊن تي ڳوٺاڻان احتجاجي مظاهرا به ڪيا هئا پر چونڊيل نمائندن جي فقط ڪن تي جون به نٿي سُري، ڳوٺاڻن تڪ جي ايم پي اي ارباب لطف الله کي هن چٺي وسيلي گذارش ڪئي آهي ته ٿرپارڪر جا مين توڙي لنڪ روڊن جي حالت زبون حال آهي، روڊن جي مرمت ڪرائي ڏنا وڃن ۽ عوام جون ڏکيائيون گھٽ ڪيون وڃن.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎‎
ڪاڇي ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين ڪاڇي جي سار نه لڌي!
ڪاڇي جي علائقي ڪارو ڪوٽ ۾ ڪندڙ ملٽي نيشنل ڪمپني پولش مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، ڪاڇي جا سوين نوجوان هن وقت به بيروزگار آهن، ڪاڇي ۾ ڪم ڪندڙ ملٽي نيشنل ڪمپنيون ڪاڇي کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ به مڪمل طرح ناڪام بڻيل آهن، ملٽي نيشنل ڪمپني ڪاڇي جي بااثر وڏيرن کي نوازي ڇڏيو آهي، ڪاڇي واسي نوجوان اڄ به بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڪاڇي ۾ ترقياتي ڪم زيرو آهن، ملٽي نيشنل ڪمپني صرف علائقي ۾ ڀوتارن کي نوازي رهيو آهي باقي علائقي جي ترقيءَ لاءِ اهو ٿو چيو وڃي ته اسان فلاڻن سردارن، وڏيرن، ڀوتارن کي فنڊ ڏنا آهن، علائقائي ترقيءَ بابت انهن کان پڇا ڪيو؟ اسان جي نئب، اينٽي ڪرپشن ۽ اعليٰ عدالتن کي اپيل آهي ته سون اوڳاڇيندڙ واسي اڄ به پٿر واري دور ۾ ڇو پيا رهن ان ڳالهه جو نوٽيس ورتو وڃي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو 
ڳوٺ بازمال کوسو ۾ موبائيل ٽاور لڳرائي ڏيو!
جيئن ته ڳوٺ بازمال کوسو جوھي شھر کان تقريبن 10 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي، ڳوٺ بازمال جي آسپاس ٻيا ڳوٺ به آھن جتي موبائيل سگنل نه ھئڻ جي برابر آھن، موبائيل ٽاور جي سھولت نه آهي، جتي موبائيل سگنل جو وڏو مسئلو آهي، ڳوٺ بازمال ۽ آسپاس جا ڳوٺاڻا پنھنجي پيارن ۽ پرديس ۾ رھندڙ مٽن مائٽن دوستن سان ڳالھائڻ کان محروم آھن ۽ ڳوٺ ۾ اڪثريت پڙھيل لکيل ماڻھن جي آھي، جتي پڙھندڙ شاگرد انٽرنيٽ سروس نه ھجڻ ڪري آن لائين ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ پريشان آهن، سروس نه ھئڻ سبب سندس ڪرايل ڪال پيڪيج انٽرنيٽ پيڪيج اجايون زيان ٿيو وڃن ٿا، جيڪو صرف موبائيل ڪمپني کي ئي فائدو رسي رھيو آھي، ھن جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ انٽرنيٽ سروس ته بلڪل نه آهي جنهن ڪري ڳوٺاڻا ۽ شاگرد پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن. ان ڪري مھرباني ڪري ڳوٺ بازمال کوسو وٽ موبائيل ٽاور لڳرائي ڳوٺاڻن ۾ بيچني ختم ڪئي وڃي.
وحيد کوسو/ بازمال کوسو، جوهي
گھوٽڪي ۾ وڪرو ٿيندڙ ڪيميڪل وارو کير ۽ خاموش انتظاميا!
گهوٽڪي ضلعي ۾ هوٽلن تي هلندڙ چانھ ۾ ڪيميڪل وارو کير استمعال ٿئي ٿو جيڪو انسانن لاءِ تمام گھڻو نقصانڪار آهي، ان کير جي واهپي سبب گھڻن ماڻهن کي هيپاٽائيٽس سي، بي، گردن ۽ ٻين بيمارين ٿين ٿيون، ايتري قدر جو دڪانن تي به ڪيميڪل وارو کير وڪرو ٿي رهيو آهي، سوشل ميڊيا تي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي گھڻيون خبرون ھليون آهن، انهن باوجود به گهوٽڪي انتظاميا چپ جو روزو رکي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوڙها نوجوان ۽ معصوم ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. مريضن کي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته معصوم ٻارڙن کي پنهنجي مال جو کير پياريو، جيڪي اوهان دڪاندارن کان کير وٺو ٿا ان ۾ ڪيميڪل مليل آهي، جنهنڪري معصوم ٻارڙن ۾ مختلف بيماريون پيدا ٿين ٿيون. گهوٽڪي ضلعي جي کير واري تنظيمي اتحاد جي صدر سخي مجاهد سوشل ميڊيا تي اسٽيٽس رکيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ ڪيميڪل وارو کير عروج تي هلي رهيو آهي، جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، گھوٽڪي انتظاميا کي گهرجي ته جيڪي ڪيميڪل وارو کير وڪرو ڪن ٿا انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري ماڻهن جون زندگيون بچايون وڃن.
فرمان علي لغاري/گهوٽڪي 
سنڌ جي قومپرست پارٽين کي پنجاب جي عوام جي حمايت!‎
سنڌ صوبو امير ترين خطو آھي پر جڏھن کان ڌارين جي يلغار ۽ بحريا ٽائون جھڙا منصوبا ٺھڻ شروع ٿيا آهن ته سنڌي عوام وقت به وقت احتجاج ۽ ڌارين آبادڪاريءَ خلاف آواز اٿاريندو رهيو آهي، اھو مسئلو ڇو نه صوبي جي خودمختياري جو ھجي، پاڻي، ناڻي جي ورڇ جو مسئلو ھجي يا ٻيٽن جي مالڪي جو مسئلو ھجي، ڌارين جي سڃاڻپ ڪارڊ جي ٺھڻ جو مسئلو ھجي، سنڌين ھميشه سگھارو ۽ مضبوط آواز اٿاريو آهي پر پنھنجي ڌرتي جو وار به ونگو نه سَٺو آھي. 6 جون تي بحريا خلاف ڌرڻو ھڻي ھزارين سنڌي عوام گڏ ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ڪالھ به قومپرست پارٽين بحريا ٽائون خلاف ڌرڻو لڳايو، سڀ کان وڏي ڳالھ ته پنجاب جي دل لاھور مان سنڌين جي حمايت ڪئي وئي آھي ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون آھن ۽ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، پ پ پ به ملڪ رياض جي حمايت ڪري رھي آھي ۽ اڳواڻن ۽ ڌرڻي ۾ شامل سنڌي ماڻھن تي پوليس چڙھايون ڪري گرفتاريون ڪري رھي آھي. ھڪ ته حڪومت کي پريشاني آھي ٻيو ته دنيا جا ملڪ به سنڌي عوام سان متحد آهن ته سنڌي ماڻھن سان ناانصافيون آھن، ڪالھ اسلام آباد ۾ به سنڌين بحريا ٽائون خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو، يقينن ملڪ رياض ۽ سنڌ حڪومت وائڙائپ جو شڪار آھي، پنجاب جو عوام به سنڌ جي حمايت ۾ آھي. ڳالھ واضع آھي ته ملڪ رياض بدنام ٿي چڪو آھي پر سندس ساٿاري ان جو ساٿ ڇڏين ته سنڌ ڌارين کان بچي پوندي. سنڌي عوام جو سمنڊ پنھنجي حقن لاءِ گڏ ٿي جدوجھد ڪندو رھندو، يقينين ڌرڻي جا هاڪاري اثر ظاهر ٿيا آھن، امن جي ڌرتي ڌارين ۽ ملڪ رياض جھڙن وڏين مافياز کان سنڌ بچي ويندي، جن جون اکيون سنڌ ڌرتي جي زمين تي آھن، سنڌ امن جي ڌرتي رھي آھي ۽ ان تي رت جي راند نه ڪرڻ ڏبي ۽ نه ڪبي.
شفيق حسين وساڻ /جھنگو وساڻ 
ترقيءَ جي نالي تي قبضاگيري ۽ داداگيري!
ڪجھ ڏينهن اڳ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وزير شبلي فراز سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته ٻيٽن واري منصوبي جو مقصد پرڏيهي سيڙپڪار آڻڻ آھي، اسان ڪو ٻيٽ کڻي ته نه پيا وڃون، مقامي ماڻھن کي روزگار ملندو جهڙيون دعوائون ڪري رهيو هو. شبلي صاحب مڃوسين ته اوهين سنڌ جا ٻيٽ جيڪي سنڌ ۽ سنڌين جي ملڪيت آھن انهن کي ڪاڏي کڻي نه ويندئو پر جيڪي اوهان دعوائون ٿا ڪريو ته اتي مقامي ماڻھن کي روزگار ملندو ته اهڙيون دعوائون اوهان کان اڳ به اوهان جي جوڙ جا ڪيترائي سياستدان ڪري چڪا آھن، اوهين صرف ايترو ٻڌائڻ پسند ڪندا ته سنڌ ڌرتي مان نڪرندڙ تيل، گئس، ڪوئلي جي منصوبن ۾ سنڌ جي مقامي ماڻھن کي ڪيتري قدر روزگار ڏنو ويو آھي؟ سنڌ جي ڪاڇي کي ڏسو، جتي اربين بيرل تيل نڪري ٿو ۽ لکين ڪيوبڪ فوٽ گئس نڪري ٿي پر ڪاڇو اڄ به بيابان بڻيل آهي، اتي نه ڪو ترقياتي ڪم ٿيو آهي نه اتان جي نوجوانن کي ڪا نوڪري ڏني وئي، ٿر کي ڏسو جتي اربين ٽن ڪوئلو نڪتو آهي ۽ مستقبل ۾ ڪارونجھر جو گرينائيٽ به وڪيو ويندو پر ٿرين کي نوڪريون ته ٺهيو پر اڄ به ٿري پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي لاءِ ترسي رهيا آهن، اتي به ترقياتي ڪم زيرو آهن. هتان جي آبادي کي ڪهڙا بنيادي حق ڏنا ويا آھن؟ ظلم ته ڏسو ته جتان گئس نڪري ٿي اتان جا ماڻھو اڄ به ان سهولت کان محروم آھن، اوهين ته انهن منصوبن ۾ ٺھندڙ مسجدن ۾ به ڪي پي ڪا کان پيش امام ٿا گهرايو ته اسان سنڌين کي ڪهڙو روزگار ڏيندا؟ وفاق ۾ ويٺل ڪجھه ڌرين جو خيال آهي ته سنڌ جا سمورا وسيلا چوريءَ يا سينا زوريءَ تي ڦٻايا وڃن ۽ سنڌين جي تَن تي هڪ ليڙ به نه ڇڏي وڃي، توهان انهن جي وڪالت پيا ڪريو. خدارا هاڻي بند ڪريو اها ڊرامي بازي، اوهين هاڻ بي نقاب ٿي چڪا آھيو، سنڌي قوم هاڻ بيدار ٿي چڪي آھي، هاڻ اوهان جي هر چال کان اسان چڱيءَ ريت واقف ٿي چڪا آهيون.‎‎
علي مراد لاشاري/ شھدادڪوٽ‎‎